اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)اسلام آباد ۾ عمران خان جي توشا خانا ڪيس ۾ پيشي تي ڀڃ ڊاهه جو ڪيس ڪائونٽر ٽيررزم ڊپارٽمينٽ سي ٽي ڊي جي ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو.
ڪيس دهشتگردي سميت ڏهه ڏوهن جي مختلف شڪن تحت داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي گرفتار پنجاهه جي لڳ ڀڳ ورڪرن ۽ گهربل اڳواڻن تي داخل ڪيو ويو.
ڪيس ۾ علي امين گنڊا پور، مراد سعيد، عامر ڪياني، اسد قيصر، شبلي فراز، اسد عمر، عمر ايوب، علي اعواڻ ۽ حسان نيازي سميت سترهن اڳواڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي.
ايف آءِ آر موجب پوليس چيڪ پوسٽ کي نقصان پهچايو ويو، جوڊيشل ڪمپليڪس جو مک دروازو ۽ شيشا ٽوڙيا ويا، ڀڃ ڊاهه، پٿراءُ، حملو ۽ جوڊيشل ڪمپليڪس جي عمارت جون شيون ٽوڙڻ واري جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، پوليس جون ٻه گاڏيون ۽ ست موٽرسائيڪلون ساڙيون ويون، ايس ايڇ او گولڙا جي سرڪاري گاڏي کي به نقصان پهچايو ويو.