ڪراچي ۾ ٿيل آل پارٽيز ڪانفرنس سنڌ ۾ٿيندڙ پھرين ڊجيٽل آدمشماري تي خدشا ظاھر ڪندي انھن خدشن کي ختم نھ ڪرڻ جي صورت ۾ ان جي نتيجن کي قبول نھ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي.سنڌ ۾ حڪمران جماعت پاران سنڌ ۾ ٿيندڙ آدمشماري بابت جمعي واري ڏينھن اي پي سي گھرائي ھئي.جنھن ۾ شرڪت ڪندڙ سمورين پارٽين خدشا ظاھر ڪيا. اي پي سي مطالبو ڪيو تھ جاري آدمشماري جو مدو وڌائي سنڌ جي ماڻھن جي درست ڳڻپ ڪئي وڃي.ان عمل ۾ خامين کي ختم ڪيو وڃي،غيرملڪين ۽ پرڏيھي جا جدا خانا رکيا وڃن.
اي پي سي، جي پڄاڻي تي پڌرائي ۾ اھو بھ چيو ويو تھ آدمشماري جي لاءِ صفا گھٽ وقت ڏنو ويو آھي،مقرر مدي اندر ڪم مڪمل ٿيڻ ممڪن ناھي،ان ڪري وقت وڌائي سنڌ جي سڀني ماڻهن کي ڳڻيو وڃي.ملڪ جي پھرين ڊجيٽل آدمشماري ۾ ڪتب ايندڙ ٽيبليٽ يا ڊوائيس درست ڪم نھ ڪري رھيا آھن.ان جي ايپليڪيشن بھ صحيح ڪم نھ پئي ڪري،ائين نه ٿئي ته هيءَ ڊجيٽل آدمشماري بھ آر ٽي ايس وانگر بيهجي وڃي.سنڌ جا لکين ٻوڏ متاثر جيڪي گهرن کان محروم آهن انهن سڀني کي نادرا ڊيٽا جي مدد سان ڳڻيو وڃي ۽ جن گهرن کي ڳڻيو پيو وڃي انهن گهراڻن کي رسيد به ڏني وڃي، تھ جيئن اها خبر پئجي سگهي ته ڪيترائي ماڻهو ڳڻيا ويا ۽ آدمشماري جي ڊيٽا سنڌ سان به شيئر ڪئي وڃي.جيڪڏهن آدمشماري بابت اِهي سڀ خدشا ختم نه ڪيا ويا ته سنڌ هن ڊجيٽل آدمشماري جي نتيجن کي قبول نه ڪندي.آل پارٽيز ڪانفرنس سنڌ جي وڏي وزير کي اختيار ڏنو تھ هو آدمشماري واري معاملي تي وفاق سان ڳالهائي ڪري سنڌ جا خدشا ختم ڪرائي ۽ پاڪستان کي ٻه ٽڪرا ٿيڻ کان بچائي.
ڪانفرنس جي پڄاڻي تي پ پ پ جي اڳواڻ نثار کھڙي پريس ڪانفرنس ڪندي ان جي فيصلن جو اعلان ڪيو.سموري سنڌ پاران شديد خدشن جي اظھار کانپوءِ حڪمران جماعت پاڪستان پيپلزپارٽي جي ميزبانيءَ ۾ ڊجيٽل آدمشماري ۽ سنڌ جي خدشن جي موضوع تي گھڻ جماعتي ڪانفرنس ڪرائي وئي ھئي. جنھن ۾ شريڪ جماعتن مٿي ذڪر ڪيل فيصلن سان اتفاق ڪيو. ڪانفرنس جي صدارت نثار احمد کھڙي ڪئي،جڏھن تھ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ پڻ خاص طور تي ان ۾ شرڪت ڪئي.اي پي سي ۾پيپلز پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري وقار مهدي، سيد ناصر شاهه، سعيد غني، سسئي پليجو، مسلم ليگ ن جي کيئل داس ڪوهستاني، جي يو آءِ جي مولانا راشد محمود سومري، اي اين پي جي شاهي سيد، سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جي ڊاڪٽر قادر مگسي، سني تحريڪ جي آفتاب قادري، جماعت اسلامي جي اسامه رضي، جي يو پي، جي محمد حليم غوري، عوامي ورڪرز پارٽي، عوامي جمهوري پارٽي، ليکڪ نظير لغاري، سگا جي ولي محمد ۽ ڊاڪٽر ايوب شيخ سميت مختلف اڳواڻن شرڪت ڪري خيالن جو اظهار ڪيو.
ڪانفرنس ۾ ڊجيٽل آدمشماري تي مختلف جماعتن جي اڳواڻن پنهنجن خدشن جو اظهار ڪيو ۽ ان بعدگڏيل پڌرائي جي منظوري ڏني.ڪانفرنس جي نقطن بابت بابت نثار کهڙي چيو ته پاڪستان هن وقت به آدمشماري جي پراڻي عارضي لسٽ تي بيٺل آهي، ٻن صوبن جون چونڊون پراڻي آدمشماري ۽ باقي ملڪ ۾ نئين آدمشماري تي چونڊون ڪيئن ڪرائي سگهجن ٿيون؟ ان لاءِ اسان جو مطالبو آهي ته نيئن آدمشماري وارو عمل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن چونڊون ڪرايون وڃن. ھن اھو بھ چيو تھ ٻن صوبن ۾ پراڻي ۽ وفاق سميت باقي ٻن صوبن ۾ نئين آدمشماري تي چونڊون ڪرائڻ، ڇا پاڪستان کي ٻه ٽڪر ڪرڻ جي شروعات آهي؟
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو تھ سنڌ، 2017ع جي آدمشماري تي اعتراض واريا هئا، ان لاءِ ماضيءَ جي حڪومت سي سي آءِ ۾ نئين آدمشماري جو فيصلو ڪرايو. هن ٻڌايو ته آدمشماري ٿيڻ گهرجي پر اهڙي آدمشماري نه ٿئي جهڙي 2017ع ۾ ٿي هئي.ھن چيو ته سنڌ جي درست ۽ شفاف نموني آبادي ڳڻي وڃي ته پوءِ ڪنهن کي به اعتراض نه ٿيندو ۽ ھن چيو تھ آدمشماري نه ٿيڻ ڪو حل ناهي.
ھاڻي جڏھن سنڌ جي حڪمران جماعت جي ميزباني ۾ ٿيل آل پارٽيز ڪانفرنس ملڪ ۾ هلندڙ پھرين ڊجيٽيل آدمشماري بابت سخت خدشن جو اظھار ڪري ڇڏيو آھي، تھ پوءِ ان تي تڪڙي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آھي.ھي سنڌ جي ماڻھن جي لاءِ سنگين مسئلو آھي،جنھن تي سموريون سياسي ڌريون ڳڻتي ۾ آھن، تازو وزيراعظم پڻ چئي چڪو آھي تھ ڊجيٽيل آدمشماري تي سنڌ کانسواءِ ٻين صوبن کي پڻ خدشا آھن،ان صورت ۾ اھو سوچڻ جي ڳالھھ آھي تھ آخر ايتري تڪڙ ۾ آدمشماري ڪرائڻ جي ڪھڙي ضرورت ڇو پيش آئي آھي ؟وفاقي حڪومت پڻ جڏھن ھن ڊجيٽل آدمشماري مان مطمئن ناھي تھ پوءِ اھڙي آدمشماري ڪرائڻ واري ڪھڙي اختياري آھي جيڪا وفاق کان بھ مٿي آھي ؟
سنڌ جون سموريون سياسي پارٽيون ھن پھرين ڊجيٽل آدمشماري تي اڳي ئي خدشن جو اظھار ڪيو ھو، جنھن جي شروعات کان ئي سنڌ جي مخلتف ڌرين پاران ان تي احتجاج جو سلسلو جاري آھي،جڏھن تھ حڪمران جماعت کي پڻ خدشا آھن، اھڙي حالت ۾ اھو سمجھڻ کان بالاتر آھي تھ ھن آدمشماري مان آخر ڇا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ؟
اسان سمجھون ٿا تھ تڙ تڪڙ ۾ ڪنھن سياسي مصلحت تحت ڪمزورين ۽ ڪوتاھين واري ٿيندڙ پھرين ڊجيٽل آدمشماري وفاقي حڪومت جو اھڙو عمل آھي،جنھن سان ڪنھن بھتري جي گھٽ بلڪھ تڪرارن جي وڌڻ جو خدشو آھي.وفاقي سرڪار کي فوري طور تي سنڌ جي آل پارٽيز ڪانفرنس جي خدشن کي تي غور ڪري اھي ختم ڪرڻ جي ضرورت آھي، ٻي صورت ۾ ھن وڏي ڪم تي خرچ ۽ ان ۾ لڳل وقت زيان ٿي ويندو.وفاق کي اھڙن حساس نوعيت جي ڪمن جي لاءِ گھڻي سوچ ويچار ڪرڻ ۽ صوبن توڻي اتي جي اصل ڌرتي ڌڻين جي احساسن ۽ مفادن کي نظر ۾ رکڻ جي ضرورت آھي.اھڙي آدمشماري جنھن سان ڌارين کي بھ شامل ڪيو وڃي، غيرملڪين کي بھ ملڪ جا رھواسي ڪري ڳڻيو وڃبو تھ ان سان سنڌ جي ماڻھن جو اھو خدشو درست ثابت ٿي رھيو آھي تھ سنڌي ماڻھون اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا.