زلمي خليل زاد ۽ عمران خان

سليم صافي

زلمي خليل زاد سان پهرين ملاقات  نائين اليون کان ٻه مهينا اڳ آمريڪا ۾ ٿي هئي.پاڪستاني ۽ افغان صحافين جو هڪ وفد آمريڪا جي دوري تي ويو ھو، جنهن ۾ مان به شامل هئس. اسان جي وفد جو اڳواڻ مرحوم رحيم الله يوسفزئي ھو.ھن ٻڌايو تھ  زلمي خليل زاد آمريڪا جوانتھائي اهم شخص آهي، جنھن سان ملاقات ڪرڻ گهرجي.اسان  منجھان اڪثر ساٿين ان ملاقات جو  گھڻو خراب تاثر ورتو هو، ڇاڪاڻ جو  اسان جن بھ آمريڪن سان مليا ھئاسين،انھن مان سڀني کان خراب رويو زلمي خليل زاد جو هو، هو پشتو ۽ دري به ڳالهائي سگهي ٿو ۽ اسان کانئس بار بار پشتو ۾ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن جواب ۾ ھڪ لفظ به پشتو ۾ نھ ڳالھايو ۽ آمريڪي  انداز ۾ انگريزي ڳالهائيندو رھيو،هن جي هر ڳالهه مان پاڪستان سان نفرت جھلڪي رهي هئي ۽ ائين لڳي رهيو هو ته پاڪستان جي خلاف آمريڪي ۽ افغاني ڪاوڙ هن ۾ گڏ ٿي وئي آهي.نائين اليون کانپوءِ، زلمي خليل زاد عوام سامھون اچي ويو، تڏھن کان وٺي مان سندس سرگرمين ۽ بيانن جو غور سان جائزو وٺندو رھندو آھيان.

خليل زاد، بنيادي طور تي پختون افغاني آهي پر سندس جنم ازبڪ شهر مزار شريف ۾ ٿيو، هو اسڪالر شپ تي تعليم لاءِ آمريڪا ويو ۽ پوءِ آمريڪا جو ئي ٿي رھجي ويو.شڪاگو يونيورسٽي مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد هو آمريڪا جي دفاع واري ۽ پرڏيھي کاتي  ۾ مختلف عهدن تي ڪم ڪندو رھيو آھي.عملي طور تي هو هڪ سراپا آمريڪي آهي ۽ مسلمان ھئڻ جي ناتي  هن کي گھڻو ڪري مسلمان ملڪن بابت آمريڪي پاليسي سازي يا وري اتي آمريڪي مقصدن حاصل ڪرڻ استعمال ڪيو ويندو رھيو آھي،هن آمريڪي مفادن جي حاصل ڪرڻ ۾ اهڙو بنيادي ڪردار ادا ڪيو جو کيس پرڏيھي کاتي سان لاڳاپيل ھئڻ جي باوجود ھن کي سيڪريٽريز دفاع (گيٽ، ڊونلڊ رمزفيلڊ ۽ ڊڪ چني) پاران ڊفينس ميڊلن سان نوازيو ويو.ڪجهه رپورٽن موجب صدر چونڊجڻ کانپوءِ صدر بش کيس قومي سلامتي جو صلاحڪار بڻائڻ پئي چاهيو پر پوءِ ڪنهن سبب جي ڪري ڪنڊوليزا رائس جو پاسو ڳرو ٿي ويو.طالبان خلاف آمريڪي حملي کان اڳ ۽ ان بعد سمورو وقت آمريڪي انتظاميا تي زور ڏيندو رھيو ته طالبان خلاف ڪارروائين کان وڌيڪ زور  پاڪستان تي وڌائڻ جي ضرورت آهي.

افغانستان تي آمريڪي قبضي کان پوءِ هو هتي آمريڪي سفير مقرر ٿي ويو، پر عملي طور سندس حيثيت وائسراءِ جهڙي ھئي، طالبان ۽ پاڪستان جي حوالي سان سندس رويو ايترو ته جارحاڻو هو جو سندس حامد ڪرزئي سان به سخت اختلاف پيدا ٿي ويا هئا.

خليل زاد جهڙن ماڻهن جي مشوري تي هڪ طرف گوانتانامو بي ۽ بگرام جهڙا حراستي مرڪز قائم ڪيا ويا ۽ ٻئي طرف آمريڪن رات جي وقت گهرن ۾ گھڙي ڪارروايون ڪندا رھيا، جنهن جي حامد ڪرزئي به مخالفت ڪندو رهيو. هتي آمريڪي مضبوطي بعد جڏھن آمريڪا عراق تي حملو ڪيو ته سندس وڏين خدمتن عيوض ھن کي اتي آمريڪي سفير مقرر ڪيو ويو.

2005ع کان 2007ع  تائين هو عراق ۾ سفير رهيو ۽ اتي آمريڪي مقصدن کي پورو ڪرڻ بعد 2007ع ۾ گڏيل قومن ۾ آمريڪي نمائندو مقرر ڪيو ويو.هو پهريون مسلمان هو، جنهن کي ايترن  اهم عهدي تي مقرر ڪيو ويو ڇاڪاڻ ته ھن جون آمريڪا لاءِ خدمتون ڪنهن به آمريڪي کان گهٽ نه هيون.وچ اوڀر ۾ آمريڪي پالسيي جي جوڙجڪ ۾ پڻ ھو پورو وقت خليل زاد جو، ان پٽ شامل رهيو ۽ ان سان گڏوگڏ هن RAND لاءِ ڪيترائي مقالا پڻ لکيا. هي ڪٽر ،ري  پبلڪن آهي جڏهن ته ريپبلڪنز ۾ آمريڪي اسٽيبلشمينٽ جي منظور نظر ۽ نيوڪانز جو حصو سمجهيو ويندو آهي. وڪيپيڊيا ۾ ھن جي تعارف ۾کيس نيوڪانز قرار ڏنو ويو آهي.

زلمي خليل زاد جي آخري سرڪاري ذميداري طالبان سان دوحا ڳالهين لاءِ آمريڪي صدر جي خاص نمائندي جي هئي ۽ ان لاءِ، سي آءِ اي، پينٽاگون ۽ اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ کي به صدر جي حڪم تي سندس ماتحت ڪيو ويو هو، جنهن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو تھ  آمريڪن وٽ ھن جي ڪھڙي اهميت آهي.هو واحد ريپبلڪن هو جنهن حڪومت جي تبديلي بعد ڊيموڪريٽڪ صدر جو بائيڊن طرفان طالبان سان ڊيل کي منطقي انجام تائين رسائڻ تائين عھدي تي برقرار رکيو ويو ھو.ھن وقت ھن وٽ ڪو سرڪار ڪو به عهدو ناهي ۽ نه ئي هن جو پاڪستان جهڙن ملڪن سان ڪو واسطو آهي، پر حيرت انگيز طور تي عمران خان جي حڪومت ختم ٿيڻ جي ڪجهه عرصي بعد هو ڳجهي دوري تي پاڪستان آيو هو ۽ بني گالا ۾ عمران خان سان ون ٽو ون ٽي ڪلاڪ ملاقات ڪئي.

عمران خان کانسواءِ ھو جنھن ٻئي شخص سان مليو،اهو آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا هو ۽ ان ملاقات ۾ هن مٿس زور ڀريو تھ عمران خان سان سرچاءَ ڪري وٺي.ان بعد ٽيليفون رابطو ڪري جنرل باجوا کي عمران خان سان ملاقات لاءِ قائل ڪندو رهيو ۽ ٻنهي جي وچ ۾ايوان  صدر ۾ جيڪا ملاقات ٿي ھئي اھا زلمي خليل زاد جي ڪوششن سان ٿي ھئي.

مان 24 سيپٽيمبر 2022 تي  باجوا عمران ملاقات بابت جيڪو ڪالم لکيو ھو ، ان ۾ پڻ ان ڳالھھ جو ذڪر ڪيو ھو، پر هاڻي زلمي خليل زاد پردي پٺيان ڪردار ادا ڪرڻ بدران کليل نموني عمران خان جي حمايت ۾ سامهون اچي ويو آهي ۽ سندس حق ۾ اھڙي ٽوئيٽ ڪئي آهي، ڄڻ ته هو زلمي خليل زاد نه پر علي امين گنڊاپور ھجي.

عمران خان چوندو هو ته سندس حڪومت آمريڪا ڊاٿي آھي، پر سندس حمايت ۾ چين يا روس جو نه پر آمريڪي اسٽيبلشمينٽ جو اهم ڪردار سامهون آيو.عمران خان جو چوڻ آهي ته هو عالم اسلام جو ليڊر آهي. هو مديني جي رياست قائم ڪرڻ چاهي ٿو ۽ عالم اسلام جي مفادن خاطر آمريڪا کي اکيون ڏيکاريون آھن، پر ٻئي طرف اسلامي دنيا ۾ آمريڪي مفادن جي سڀني کان وڏي محافظ زلمي خليل زاد ھن جي لاءِ سڀني کان وڌيڪ پريشان آهي.

گوانتانامو بي، ابو غريب ۽ بگرام جي ازيت گھرن ۾ ٿيندڙ غيرانساني ظلمن جي وڪالت ڪندڙ زلمي خليل زاد  چئي رھيو آهي ته پي ٽي آءِ وارن تي تمام گهڻي زيادتي ٿي رھي آهي.هاڻي ڇا اھا ڳالهه ،معاملي کي سمجھڻ جي لاءِ ڪافي نه آهي، پر حقيقت کي سمجهڻ لاءِ عقل جو استعمال ضروري آهي ۽ بدقسمتيءَ سان اسان پاڪستاني عقل کي زحمت ڏيڻ نٿا چاھيون.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.