ڊاڪٽر عزيز سوڍر جي خودڪشي ۽ زميني حقيقتون

اعجاز ممنائي

گذريل ڏينهن خبر آئي ته ڊاڪٽر عزيز سوڍر جي خودڪشي جي ڪوشش واري واقعي بابت صحت کاتي پاران ڪميٽي قائم ڪئي ويئي آھي جڏهن ته ڊائريڪٽر هيلٿ سروس سنڌ اسپتال ۾ سندس عيادت پڻ ڪئي ۽ اسپيشل سيڪريٽري محمد نواز سوهُو کي ڊاڪٽر عزيز خودڪشي ڪيس ۾ انڪوائري آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي.جڏهن ته ٻئي طرف ڊاڪٽر عزيز سوڍر کي تنگ ڪندڙ سيڪشن آفيسر آغا الطاف کي هٽايو ويو ائين سنڌ سرڪار ۽ صحت کاتي ڊاڪٽر عزيز سوڍر کي آرام ڪرڻ لاءِ  سندس 3 مهينا فل پگهار سان موڪل جي منظوري ڏيندي موڪل ختم ڪري اچڻ بعد ڊاڪٽر عزيز سوڍر جي مرضيءَ مطابق پوسٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي جڏهن ته صحت کاتي طرفان اوجها اسپتال جي انتظاميه کي ليٽر جاري ڪري هدايت ڪئي وئي آھي ته ڊاڪٽر عزيز سوڍر کي مڪمل طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ۽ ڊاڪٽر عزيز سوڍر جي علاج جا تمام خرچ سنڌ جو صحت کاتو ادا ڪندو اهڙي صورتحال ۾ لطيف سائينءَ جو هيءُ بيت ذهن تي تري آيو

جان جان ناهِ ضَرورُ، تان تان طَبِيبُ ناهِ ڪو

جُهه سو سَرِئو سُورُ، ته ڪَرَ ويڄُ وَرِ پِئو.

سمجهاڻي: جيستائين طبيب جي ضرورت ناهي تيستائين طبيب به ڪنهن فائدي وارو ناهي. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن سور يا درد پيدا ٿئي ٿو ته طبيب به تڏهن ياد پوي ٿو. هن طبيب کي ڪهڙو درد لڳو جو خودڪشي ڪري نه رڳو صحت کاتي پر هن درد ڀري دنيا کي ئي الوداع ڪرڻ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو ڊاڪٽر ته مسيحا هوندو آھي پر جڏهن مسيحا کي مال ڏيڻ تي مجبور ڪيو وڃي ته اهو مريضن جو علاج ڪيئن ڪري سگهندو؟ خودڪشي ڪرڻ يا پاڻ مارڻ ڪا معمولي ڳالهه ڪانهي۔

هڪ ڊاڪٽر جيڪو پنهنجي اڌ زندگي اهو علم پرائيندي گذاري ٿو ته اسپتال ۾ ايندڙ مريض کي صحتياب ڪرڻ لاءِ  ڪهڙو فارمولو استعمال ڪريان ڪهڙو تجربو ڪري مريض کي تڪليف کان آجو ڪريان. اهڙي جاکوڙي ڊاڪٽر کي چند ٽڪن عيوض پريشر ڏئي ايترو پريشان ڪيو وڃي ته هو خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي پوي پر جيڪڏهن مرڻ کان بچي وڃي ته ساڳيو کاتو ساڳيا ماڻھو وٽس اچي اهو چون ته جيئن تون چوندي تيئن ڪنداسين بس خاموشي اختيار ڪريو۔ اهو چوڻ ڪيڏو آسان آھي پر اهو نه ٿو سوچيو وڃي ته هڪ ڊاڪٽر اهڙو خطرناڪ قدم کڻڻ تي ڇو مجبور ٿئي ٿو۔ اهو ته هڪ ڊاڪٽر عزيز سوڍر آھي پر هزارين اهڙا ڊاڪٽر ۽ ٽيڪنيڪل ماڻھو حڪومت جي اڍنگي رويي سبب روز مرن ۽ جيئن ٿا پر ڪوبه تدارڪ ڪرڻ وارو ڪونهي۔

صحت کاتي سميت سنڌ سيڪريٽريٽ اندر سمورن کاتن ۾ ڪرپشن ڪاهي پئي آھي ان عروج کي زوال ڪڏهن ايندو. ان پٺيان ڪنهنجو هٿ آھي ۽ ڪير ڪير ڪرپشن ۾ ملوث آھن ان جو تذڪرو وقت بوقت متحرڪ تنظيمون ڪنديون رهيون آھن ته هڪ ڊاڪٽر جي رڳو پوسٽنگ ڪرائڻ لاءِ  لکين روپيا ڏيڻا پون ٿا جڏهن ته بدلي يا داخلا لاءِ  منٿون سفارشون ۽ لکين روپين جي ڳري رشوت ڏيڻ ڏيڻ جو رواج سنگين صورتحال اختيار ڪري ويو آھي هڪ ڊاڪٽر جيڪو ڏينهن رات ايمانداريءَ سان ڊيوٽي سرانجام ڏيئي انسانيت جي دفاع جي جنگ وڙھي ٿو ان کي مختلف حربا استعمال ڪري پريشان ڪيو وڃي ٿو اهڙن هٿن پٺيان ڪو وزير يا ان جو نمائندو ضرور هوندو باقي هڪ ڪلرڪ يا سرڪاري ملازم اهڙو قدم کڻڻ لاءِ  ھزار ڀيرا سوچيندو۔

ڪجهه ڏينهن اڳ دل کي جنجھوڙيندڙ هڪ ڏک ڀريو داستان سامهون آيو جنهن ۾ پڻ هڪ ڊاڪٽر جي مخلصي سامهون اچي ٿي واقعو هيئن هو ته ڪراچي مان ڊاڪٽر وسيم آفندي جو چوڻ آهي ته ڪجھه ڏينهن اڳ مون وٽ هڪ نوجوان آندو ويو جنهن جي مٿي ۾ گوليون لڳل هيون، رت تمام گهڻو وهي چڪو هو پر نوجوان هوش ۾ هو. منهنجو يونيفارم ڏسي هن مون کي التجا ڪئي ته ڊاڪٽر منهنجي گهر وارن کي منهنجي موت جي خبر نه ڏي ۽ ساڳئي وقت منهنجي اڳيان هٿ جهليائين. مون کي حيرت ٿي ته مان هن کي بچائڻ جي اميد ڪري رهيو هوس ۽ اهو ماڻهو يقيني موت بابت ڳالهائي رهيو هو. خير مان هن کي تسلي ڏني ۽ آپريشن ٿيٽر ڏانهن ويس جتي هن کي آرام ڪرڻ لاءِ  انجيڪشن ڏني وئي ۽ ساڳئي وقت مان سندس ساراهه ٻڌندو رهيس. ڪهاڻي ٻڌائيندي ئي ڇوڪرو بي هوش ٿي ويو ۽ ان دوران ئي هو مري ويو، پر هن جي موت مون کي صدمو ڏنو، شايد پڙهندڙن کي به صدمو رسندو،

ان ڪري مان اها ڪهاڻي ٻڌائي رهيو آهيان ته جڏهن ڇوڪري عرض ڪيو ته منهنجي موت جي خبر منهنجي گهر وارن کي نه ڏيو، پر لاش ايڌي سينٽر يا ڇيپا حوالي ڪيو وڃي، پوءِ مون کانئس پڇيو ته اهڙي ڳالھه جو ڪهڙو سبب آهي؟ هن چيو ته منهنجو والد گذاري ويو آهي ۽ مون کي ٽي ننڍيون ڀينرون آهن جن گذريل ٻن ڏينهن کان ڪجھه به نه کاڌو آهي. مون کي اڄ ٻن ڏينهن کانپوءِ نوڪري ملي آهي ۽ مان روزاني جي بنياد تي اچي رهيو هوس ته رستي ۾ ڌاڙيلن مون کي ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي. مون وٽ رڳو اڄ جي روزاني مزدوري ۽ هڪ پراڻو موبائيل فون هو. جيڪڏهن مان ئي هجان ها ته شايد اهي تيرهن سؤ روپيا چورن کي ڏئي ڇڏيان ها، پر مون کي خبر هئي ته منهنجون ڀينرون، جيڪي گهر ۾ ٻن ڏينهن کان بکايل ويٺيون آهن، مانيءَ لاءِ  انتظار ڪري رهيون آهن ۽ منهنجو رستو ڏسي رهيون آهن، جيڪڏهن ڦورو هي پئسا کڻي ويا، ته منهنجيون ڀينرون ڇا کائينديون؟ جڏهن ته اهي ماڻهون خدا جي خوف کان بيزار آهن، اهي ڪنهن ٻئي کي ڦري ويندا، تنهنڪري مون مزاحمت شروع ڪئي ۽ انهن ظالمن مون کي صرف ان تيرهن سؤ روپين لاءِ  گوليون هنيون.

ڊاڪٽر صاحب، مون کي خبر آهي ته مان مري ويندس، پر مون کي انديشو آهي ته منهنجي گهر وارن وٽ مانيءَ لاءِ  پئسا نه آهن، اهي منهنجي ڪفن لاءِ  پئسا ڪٿان آڻيندا؟ قبر لاءِ  پئسا ڪٿان آڻيندا؟ تنهن ڪري منهنجي گهر وارن کي منهنجي موت جي خبر نه ڏني وڃي، هن پنهنجي کيسي ۾ هٿ وجهي پئسا ۽ موبائيل فون منهنجي هٿ تي رکيو ۽ مون کي گهر جو پتو ٻڌايو ۽ چيو ته هي پئسا گهر منهنجي گھر موڪليو ۽ هي موبائيل فون کپائي منهنجي ننڍي ڀيڻ لاءِ  نوان بوٽ خريد ڪرڻ لاءِ  گهڻا اصرار ڪري رهيو ھو ۽ جيڪڏهن منهنجي ماءُ جو حوصلو بلند ھجي ته کيس تسلي ڏيندي منهنجي موت جي خبر ڏيو، نه ته کيس چئو ته تنهنجو پٽ ڪنهن ٻئي شهر نوڪريءَ لاءِ  ويو آهي. ان سان نوجوان اوندهه ۾ پئجي ويو ۽ اتان موت جي منهن ۾ هليو ويو.

بهرحال ضرورت ان ڳالهه جي آھي ته ڊاڪٽر سميت هر ماڻھو کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ته جيئن هرڪو پنهنجي پنهنجي زميواري احسن نموني سان بجا آڻي سگهجي ۽ ان سان گڏ ڪڌن ڪمن ۾ ملوث ھٿن تي پهچي کين عبرتناڪ سزا ڏني وڃي باقي رڳو هڪ SO کي رپورٽ ڪرائڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو۔

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.