چيني صدر  جو روس وارو دورو اھميت جوڳو بڻجي ويو

دنيا ۾ ھم خيال ملڪن جو اتحاد ٿيڻ ڪا اڻٿڻي ڳالھھ نھ آھي،پر ڪجھھ ڏھاڪن کان سموري ملڪ دراصل پنھنجن مفادن کي وڌيڪ عزيز رکن ٿا، سال 2023 ۾ دنيا ۾ تيز رفتار تبديليون ڏسڻ ۾ اچي رھيون آھن، جنھن ۾ چين جي صدر شي جنگ پن جو روس جو دورو پڻ اھميت رکي ٿو. مارچ مھيني ۾ ئي چين جو ٽيون ڀيرو صدر چونڊجندڙ شي جن پنگ ايندڙ ھفتي روس جو دورو ڪري رھيو آھي.چيني پرڏيهي وزارت ٻڌايو ته صدر شي جن پنگ 20 کان 22 مارچ تائين روس جو دورو ڪندو.فيبروري 2022 ۾ يوڪرين تي حملي کان پوءِ چيني صدر جو روس جو ھي  پهريون دورو هوندو

.ياد رھي تھ يوڪرين روس جنگ ۾ آمريڪا روس جي شيديد مخالفت ۾ يوڪرين جي نھ رڳو اخلاقي پر ھٿيارن جي بھ مدد ڪئي آھي.جنھن سان اھا جنگ وڌي رھي آھي،ٻئي پاسي روس اولھھ جي ملڪن تي سخت تنقيد ڪندو رھيو آھي.ھن کان اڳ سيپٽمبر 2022 ۾، چين جي صدر پنهنجي روسي هم منصب ولاديمير پوتن سان شنگھائي تعاون تنظيم جي اجلاس جي موقعي تي ازبڪستان  جي شھر سمرقند ۾ ملاقات ڪئي ھئي.چيني پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته صدر شي جن پنگ روسي صدر جي دعوت تي روس جو دورو ڪري رھيو آهي.

ماسڪو طرفان جاري ڪيل بيان موجب ٻئي اڳواڻ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي ڳالهيون ڪندا ۽ ان وچ ۾ ڪجھھ اهم معاهدن تي صحيحون پڻ  ڪيون وينديون، پر ان بابت ڪي تفصيل نه ٻڌايا ويا آھن.ھتي اھا ڳالھھ اھيمت رکندڙ آھي تھ چيني صدر جو دورو هڪ اهڙي وقت ۾ ٿي رهيو آهي، جڏهن چين يوڪرين ۽ روس جي وچ ۾ جنگ بندي ۽ ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

اهڙي طرح ڪاري سمنڊ ۾ آمريڪي فوجي ڊرون جي تباهي کانپوءِ آمريڪا ۽ روس وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي.دنيا ۾ فوجي طاقت جي اعتبار سان  روس ۽ چين ٻئي ملڪ  سگھارا سمجھيا وڃن ٿا. جيڪي گھڻن ئي معاملن ۾ آمريڪا جا مخالف پڻ آھن، ان کانسواءِ ھي ٻئي ملڪ کاٻي ڌر جي فڪر وارا سمجھيا وڃن ٿا.

روسي صدر ولاديمير پوتن ۽ چيني صدر شي جن پنگ  جي ايندڙ هفتي ماسڪو ۾ ٿيندڙ ملاقات ۽ معاهدن کي نئين طور جي ابتدا قرار ڏنو ويو آھي. اعلان ۾ چيو ويو آھي  ته ٻنھي اڳواڻن وچ ۾  اسٽريٽجڪ اتحاد بابت  اهم ڳالهيون ٿينديون.

چيني پرڏيهي معاملن واري وزارت شي جن پنگ جي دوري کي امن جو دورو قرار ڏنو آھي. جنهن جو مقصد حقيقي گهڻ طرفي پاليسي تي عمل ڪرڻ، عالمي گورننس کي بهتر بڻائڻ ۽ دنيا جي بھتري ۽ ترقي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ آهي. ترجمان صحافين کي ٻڌايو ته ٻئي اڳواڻ ٻطرفن لاڳاپن، اهم عالمي ۽ علائقائي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪندا.

هن چيو ته جيئن دنيا ڇڪتاڻ جي نئين دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي، چين يوڪرين جي بحران تي پنهنجي مقصد ۽ منصفاڻي موقف کي برقرار رکندو ۽ امن ڳالهين جي فروغ لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪندو.

روسي خبرن جي ايجنسين پاران ڏنل بيانن موجب، روسي صلاحڪار چيو ته ڪرملين روس-يوڪرين تڪرار تي بيجنگ جي سوچيندڙ ۽ اعتدال پسند موقف کي تمام گهڻو قدر ڪري ٿو.جيئن ته شي جن پنگ هن مهيني صدر جي حيثيت سان ٽيون پنجن سالن جي مدت شروع ڪئي آھي، چين، هڪ اهم روسي اتحادي، پاڻ کي هڪ غير جانبدار پارٽي جي حيثيت ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، روس ۽ يوڪرين تي زور ڀريو آهي ته تڪرار ڳالھين ذريعي حل ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.