عمران خان کي عدالتن مان آئوٽ آف وي رليف پيو ملي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر)  سنڌ جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته گذريل چئن پنجن  ڏينهن کان  پاڪستان ۾ اهو ڪجهه ٿي رهيو آهي، جيڪي  75 سالن ۾ نه ٿيو آهي، جيڪو شخص پرڏيهي ملڪن جي مدد سان ملڪ ۾ انارڪي پيدا ڪري رهيو آهي ان کي عدالتن مان آئوٽ آف وي رليف ڏنو پيو وڃي، عمران خان لاءِ   جمعو بازار لڳايو ويو آهي، جنھن کي  باءِ ون گيٽ نائن پيڪيج ڏنا پيا وڃن، پر ملڪ جي آئين ۽ ايٽمي طاقت جي خالق شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ملڪ کي ميزائل ٽيڪنالاجي ڏيندڙ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي لاءِ عدالتن وٽ وقت ناهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل جو ريفرنس گذريل 10 سالن کان التوا جو شڪار آهي. جڏهن ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جي ڪيس جي ٻڌڻي  اڻڄاتل مدي تائين  ملتوي ٿيندي رھي ٿي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي عدالتن کان رليف نه پر انصاف چاهي ٿي. انهن ٻنهي ڪيسن ۾ عدالتون جيڪي به فيصلو ڪن، اسان کي قبول آھي. ھن مطالبو ڪيو ته انهن ڪيسن جي ٻڌڻي روزاني جي بنيادن تي ڪئي وڃي . اهڙن خيالن جو اظهار هن ڇنڇر ڏينهن سنڌ آرڪائيوز ڪمپليڪس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته عمران خان پاڪستانين کي پيغام ڏنو آهي ته هو سڀ کان وڏو بدمعاش ۽ غنڊو آهي. عمران خان سمجهي ٿو ته کيس آئين ۽ قانون تحت نٿو سڏائي سگهجي. پنج ڏهه يا پنجاهه هزار ماڻهن کي ڪڍڻ پيپلز پارٽي جي لاءِ ڪو به مسئلو ناهي، هن  چيو ته عدالتن مان گرفتاري جي حڪمن کانپوءِ آئيني صدر عارف علوي چئي رهيو آهي ته اها انتقامي ڪارروائي ٿي رهي آهي. آئيني صدر جو پٽ  سوشل ميڊيا جو سربراهه آهي، هو سازشي ٽوئيٽ ڪري رهيو آهي. هن چيو ته برطانيه مان  صدر جو پٽ ملڪ خلاف سوشل ميڊيا مهم هلائي رهيو آهي، معيشت جي تباهي جو ذميوار عمران خان ۽ سندس ساٿي آهن، اڄ به هو چئي رهيو آهي ته جيڪڏهن هو اقتدار ۾ آيو ته آءِ ايم ايف جي شرطن تي عمل نه ڪندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.