آدم شماري ۾ سنڌ سان زيادتي ٿي رهي آهي: يوسف ٽالپر

سامارو ( ن ع آ ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي  جي ميمبر ايم اين اي نواب يوسف ٽالپر چيو آهي ته  سنڌ سان  ھن آدم شماري جي مرحلي ۾ زيادتي ٿي رھي آهي  سنڌ جا خدشا ختم نه  ڪيا ويا ته سنڌ ھن آدم شماري کي تسليم نه ڪندي اھڙو اظھار نواب يوسف ٽالپر  مانجھاگر ۾ ميڊيا  سان ڳالھائيندي  ڪيو ھن چيو ته جنھن کي مٽي سان محبت ناھي اھو انسان به ناھي،ڪالهھ به قومپرست ھيس ۽ آخري دم تائين قومپرست رھندس  ھن چيو ته 4 مارچ جي شاگرد جدوجھد جو حصو  ھجڻ کي خوشنصيبي ٿو سمجھان نواب يوسف ٽالپر چيو ته سنڌ سان آدمشماري ۾ نا انصافي ٿي رھي آهي  جنهن تي وزير اعلي سنڌ  وزير اعظم کي آگاھ ڪيو آهي ان موقعي تي  شاھنواز جوڻيجو،ول راء مھشوري ۽ ٻيا پڻ موجود ھيا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.