شھدادڪوٽ/جيڪب آباد (رپورٽ:ثمر ڀٽي+سڪندر سرڪي) جھل مگسي ۾ڄاڃين سان ڀريل وين تي ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ عورت ۽ ٻار سميت چار ڄڻا مارجي ويا ۽ ٻن ٻارن سميت چار ڄڻا زخمي ٿي پيا. واقعو ھٿياري ٿاڻي جي حد ڳوٺ چکي سوھيجا ڀرسان ديناري برادري جي ڄڃ سان پيش آيو، جنهن لاءِ ٻڌايو ٿو وڃي ته ديناري برادري جي ڄاڃي اوستا محمد کان ڪنوار وٺي ڳوٺ کاري ڏانهن اچي رھيا ھئا ته گندا واهه روڊ تي چکي سوھيجا وٽ ھٿياربندن وين کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، ڊرائيور طرفان گاڏي نه بيھارڻ تي ھٿياربندن وين تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 45 سالن جو ميرحسن ديناري، سندس 3 سالن جو پٽ رضوان علي.40 سالن جو عرض محمد ديناري ۽ موتان خاتون زال نيازل ديناري ٿڏي تي قتل ٿي ويا جڏهن ته پنجن ورھين جو ثناءٌ الله پٽ بالاچ ديناري، ست سالن جو عطاءُ الله پٽ محمد اڪبر، 29 ورهين جو احسان الله پٽ جوڳي ديناري ۽ 22 ورهين جو جمال الدين پٽ جهنگل خان زخمي ٿي پيا، واقعي بعد ھٿياربند فرار ٿي ويا. ھوڏانھن اطلاع تي اسسٽنٽ ڪمشنر جھل مگسي سيد رحمت الله شاھ واقعي واري ھنڌ پھچي مقتولن ۽ زخمين کي گندا واھ اسپتال کڻائي آندو، جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا جڏهن ته شادي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون.