اسلام آباد (سروي : زلف پيرزادو) پي تي آءِ چيئرمين عمران خان مسلسل رياست لاءِ للڪار بڻيل آهي، پرقانون جي پڪڙ کان آجو آهي، ملڪ جي آئيني ادارن ۾ اڃان تائين عمران پراجيڪٽ جا خالق لڳي ٿو ته اڃان تائين سرگرم آهن. جن جي لکيل اسڪرپٽ تي عمران خان عمل ڪري رهيو آهي. ان جو انجام هر گذرندڙ ڏينهن خطرناڪ ٿي رهيو آهي . نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته عمران خان گذريل ڏينهن جڏهن توشاخانا ڪيس ۾ عدالت پيش ٿيڻ وڃي رهيو هو ته چڪوال انٽر چينج وٽ عمران خان گاڏي موٽروي تان لاهي هيٺ بيهاري ۽ هڪ اهم شخصيت سان اٽڪل 10 منٽ ملاقات ڪئي. جنهن کانپوءِ عمران خان جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ واري حڪمت عملي تبديل ٿي وئي. شايد اهم شخصيت عمران خان کي هدايتون ڏنيون جنهن کانپوءِ عمران خان عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو ۽ چڪري واري هنڌ پهچي وڊيو بيان جاري ڪيو ته حڪومت کيس گرفتار ڪرڻ ۽ مارائڻ چاهي ٿي ڇو ته لنڊن پلان ۾ اهو طئه ٿيل آهي جنهن تي عمل ٿيڻ وڃي رهيو آهي. ان کان اڳ نامياري صحافي اسد علي طور به دعويٰ ڪئي هئي ته جنرل (ر) فيض حميد ۽ سندس ترتيب ڏنل نيٽ ورڪ اڃان تائين سرگرم آهي. ناليواري صحافي انيق ناجي جو چوڻ آهي ته جنرل (ر) فيض حميد اڃان تائين موجوده سپهه سالار خلاف سرگرم آهي. چاهي ٿو ته اهڙيون حالتون پيدا ڪيون وڃن جو سپهه سالار مجبور ٿي وڃي ۽ استعيفا ڏئي وڃي صحافي موجب ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته رٽائرڊ ۽ حاضر سروس آفيسرن ۾ جهيڙو آهي. عمران خان جي شڪل ۾ رٽائرڊ آفيسر سرگرم آهن، ٻئي طرف اسٽيبلشمينٽ ۾ معمول واريون مقرريون بدليون به ٿي رهيون آهن. جنهن دوران پراڻي نيٽ ورڪ سان جڙيل ڪجهه آفيسر رٽائر ٿيندا . ڪجهه اصل عهدن تان تبديل ٿيندا. جڏهن ته اڳ ئي جنرل (ر) فيض حميد نيٽ ورڪ جي وڏي پئماني تي صفائي ڪئي وئي آهي ۽ صفائي جاري آهي. ايندڙ مهيني به اهم مقرريون ۽ بدليون ٿيڻون آهن. جنهن کانپوءِ موجوده سپهه سالار جو اداري تي مڪمل ڪنٽرول ٿي ويندو. حاصل مقصد ته جنرل (ر) فيض حميد آخري ويڙهه وڙهي رهيو آهي. ناميارن صحافين اعزاز سيد ۽ عمر چيمه جو چوڻ آهي ته اڄ به رياست کي شڪست ٿي آهي ۽ عمران خان جي فتح ٿي آهي. عدالت عمران خان جي فرمائش تي جڊيشل ڪمپليڪس منتقل ٿي گاڏيءَ ۾ ويٺي صحيح ڪرڻ جي به عمران خان کي سهولت ڏني وئي. عدالتون نيون روايتون قائم ڪري رهيون آهن. ڪورٽون جٿن جي سياست کي هٿي ڏئي رهيون آهن. عمران خان فوج، رياست، حڪومت، ميڊيا سميت هر اداري کان وڌيڪ طاقتور ثابت ٿي رهيو آهي. عدالتون جيڪڏهن قانون تي سختيءَ سان عمل ڪن ته ڪو مسئلو نه آهي. پر عدالتون به عمران خان جون سهولت ڪار بڻيل آهن. حد آهي ته جج صاحب جوابدار جو انتظار ڪندو رهيو هاڻي جج صاحب کي زمان پارڪ وڃي عدالت لڳائڻ گهرجي ڇو ته موجوده حالتن ۾ پوليس جو خاص طور اعتماد ختم ٿي رهيو آهي. ڏسڻو آهي ته رياست عمران خان آڏو گوڏا کوڙي ٿي يا عمران خان کي گرفتار ڪري قانون جي حڪمراني قائم ڪري ٿي. ٻي صورت ۾ مستقبل ۾ ادارن ۾ ٽڪراءَ ٿيندو نظر اچي رهيو آهي جيڪو ملڪ لاءِ انتهائي خطرناڪ هوندو.