اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته حڪمرانن مونکي گرفتار ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو آهي، نواز شريف جو مطالبو آهي ته مونکي جيل ۾ وڌو وڃي ته جيئن چونڊن ۾ حصو نه وٺي سگهان، اسلام آباد روانگي دوران ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته حڪمرانن جي بدنيتي ظاهر ٿي وئي آهي، آئون پهرين به اسلام آباد جي عدالت وڃي رهيو هو، منهنجي گهر تي حملو ڪرڻ جو مقصد عدالت ۾ پيش ڪرڻ نه، پر مونکي جيل ۾ وجهڻ هوهن جو چوڻ هو ته لنڊن پلان جو حصو آهي ته مونکي جيل ۾ رکيو وڃي، مون کي خبر آهي ته گرفتار ٿي ويندس، هوڏانهن عمران خان دعويٰ ڪئي آهي ته هن وقت اسٽيبلشمينٽ مون کان ڊنل محسوس ٿي رهي آهي ۽ اهو ئي سڀ کان وڏو مسئلو آهي، منهنجي حياتيءَ کي اڳ کان وڌيڪ خطرا آهن.پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي عمران خان چيو ته جيڪڏهن گرفتار يا قتل ڪرڻ جي ڪوشش ٿئي ٿي ته ان صورت ۾ ردعمل کان خوفزده آهيان، لڳي ٿو ته سخت ردعمل ايندو ۽ اهو ردعمل سڄي پاڪستان ۾ ايندو.سندس چوڻ هو ته اسان جي 70 کان 75 سالن جي تاريخ ۾ فوج جو ڪردار رهيو آهي پر هاڻ ان ۾ توازن قائم ٿيڻ گهرجي، هاڻ اسان کي توازن قائم ڪرڻو پوندو، ڇو ته اهو پراڻو سلسلو عمل جهڙو ناهي رهيو.عمران خان چيو ته جيڪڏهن مون کي گرفتار ڪيو وڃي ٿو ته هڪ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جيڪا پارٽي قيادت ڪندي، منهنجي خلاف 94 ڪيس داخل آهن ۽ منهنجي حياتي کي اڳ کان وڌيڪ خطرا آهن.