حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، جوائنٽ سيڪريٽري ستار رند، مرڪزي اڳواڻن دائود ڏاھري، غلام حسين سومرو ۽ محمد علي ٽالپر پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سنڌي قوم جي پرامن احتجاجن کان پوءِ به وفاقي حڪومت غير قانوني آدم شماري ڪرائي سنڌي قوم کي اڪثريت مان بدلائي اقليت ۾ ڏيکاريو ته اھو عمل ملڪي سالميت خلاف هوندو. اڳواڻن وڌيڪ چيو آهي ته پيپلز پارٽي اي پي سي ڪري ڪنهن کان ٿي مطالبا ڪري. وفاقي حڪومت ۾ پ پ پ برابر جي شريڪ آهي، سنڌ حڪومت بھ پيپلز پارٽي جي آهي. مراد علي شاھ ماڻهن کي بيوقوف بنائڻ بدران فوري طور تي سي سي آئي جو اجلاس سڏائي آدمشماري کي رد ڪرائي، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ پ پ آدمشماري خلاف قراردادون آڻي. وزير اعليٰ سنڌ دشمن آدمشماري ڪرڻ کان سرڪاري عملي کي روڪي ڇڏي.