ملير (ڊ ر) ايس يو پي جو سکر مان نڪتل سنڌ بحالي مارچ ڪالهه 32 هين ڏينهن ملير جي علائقي سنڌي مسلم سوسائٽي کان اڳئين منزل لاءِ روانو ٿيو، پيادل مارچ جو ماروي ڳوٺ، قائدآباد، ملير ڪورٽ، ملير 15 ۽ ٻين هنڌن تي شاندار استقبال ڪيو ويو. ملير بار جي وڪيلن مارچ ۾ شريڪ اڳواڻن کي گلن جا هار ۽ اجرڪ اوڍايا، سنڌي مسلم سوسائٽي کان نڪتل مارچ بلوچ ڪالوني پهچي ويو، مارچ ۾ ايس يو پي چيئرمين جلال محمود شاهه شرڪت ڪئي. مارچ اڄ ڪراچي پريس ڪلب پهچندو، جتي مُک جلسو ڪيو ويندو، مارچ ۾ اظهار يڪجهتي طور انڊيجيئسن رائٽس الائنس جي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاهه، جسقم ڪراچي ڊويزن جي اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ شريڪ ٿيا. ملير ڪورٽ پهچڻ تي اي جي پي اڳواڻ ۽ ملير بار جي وڪيل اياز چانڊيو، محمد خان شيخ، محمد اشرف سمون، لطف الله سيلرو، رزاق سولنگي، ايڊوڪيٽ بادشاهه وزير، غلام رسول سوهو، بئريسٽر عبدالجبار شيخ ۽ ٻين وڪيلن مارچ ۾ شامل اڳواڻن روشن ٻرڙو، جڳديش آهوجا، رخسانا هاليپوٽو، امير آزاد پنهور ۽ ٻين کي گلن جا هار ۽ اجرڪ پارايا. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ سرڪار ۽ وفاقي سرڪار ملي ڀڳت ڪري سنڌ کي تباهي جي ڪناري تي آڻي ڇڏيو آهي ڊجيٽل آدمشماري سنڌي ماڻهن کي اقيلت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آهي جنهن کي مڪمل طور تي رد ڪيون ٿا ۽ ڪراچي ۾ اڄ ايس يو پي جي جلسي ۾ عوام کي گڏ ٿيڻ گهرجي.سنڌ مارچ حاجي موريو ڳوٺ، ناٿا خان کوسو، ڊرگ روڊ ۽ ڪارساز کان ٿيندو بلوچ ڪالوني پهتو، جتي رات ترسڻ بعد اڄ صبح قافلو ڪراچي پريس ڪلب روانو ٿيندو، جتي تاريخي جلسي جو انتظام ڪيو ويو آهي،