ٽنڊو محمد خان (ڊ ر) ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته ڊجيٽل آدم شماري سنڌين خلاف سازش آهي، جنهن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ سنڌ جي لکين ماڻهن کي 20 مارچ تي ڪراچي ۾گڏ ٿيڻو پوندو.اهڙو اظهار هن ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب ۾ ڏنل آجياڻي دوران ساڃاهه وند ڌرين، سول سوسائٽي، سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ اديبن کي خطاب ۽ ميٽ دي پريس کي مخاطب ٿيندي ڪيو. هن چيو ته آدم شماري جو بنيادي مقصد عوام جي تعداد تحت کين پنهنجي ڌرتي تي پنهنجا حق ڏيارڻ آهي، جنهن ۾ٻين ملڪن کان غير قانوني طور آيل پرڏيهين کي آدم شماري ۾ شامل ڪرڻ جو ڪو به قانوني اخلاقي جواز نه ٿو رهي نه وري چور دروازي کان آيل پرڏيهين کي آدم شماري ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو.هن چيو ته سنڌ جي وجود خلاف ٿيندڙ آدم شماري جي خدشن کي ختم ڪرڻ کان علاوه سنڌ آدم شماري کي قبول نه ڪندي، ڊجيٽل آدم شماري جو مقصد ڌرتي واسين کي پنهنجي ڌرتي تي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آهي.هن چيو ته پ پ آدم شماري تي اي پي سي ڪوٺائي، جنهن ۾پ پ سنڌ جا خدشا ختم ڪرائڻ لاءِ ڪو به عملي قدم کڻي نه سگهي.هن چيو ته وڏي وزير مراد علي شاهه کي سنڌ جي خدشن کي تسليم نه ڪرڻ تي ٿيندڙ آدم شماري جو سنڌ حڪومت طرفان بائيڪاٽ جو اعلان ڪرڻ گهرجي.قادر مگسي چيو ته سنڌ جي روشن ۽ مستقبل خوشحالي لاءِ ترقي پسند پارٽي سنڌ جي قومي حقن جي حاصلات لاءِ عملي جدوجهد ذريعي 20 مارچ تي ڪراچي ۾ سڄي سنڌ کي هڪ آواز ٿي گڏ ٿيڻو پوندو.