خان پورمهر (ن ع آ) ڪراچي ۾ خان پور مهر جو ٻوڏ متاثر نوجوان فائرنگ ۾ مارجي ويو.خان پورمهر جي علائقي سھانجڙو بوزدار جو رھواسي اختيار پٽ در محمد بوزدار ڪراچي جي پاڪ ڪالوني واري علائقي ۾فائرنگ جي زد ۾ اچي قتل ٿي ويو.ان سلسلي ۾رابطو ڪرڻ تي نوجوان جي چاچي علي گوهر بوزدار ٻڌايو ته ٻوڏ سبب ڀائٽيو اختيار گهر ڀاتين سميت ڪراچي هليو هو، جتي هو پاڪ ڪالوني ۾ مسواڙ جي جڳهه ۾ رهندو هو. هن ٻڌايو ته ڀائٽيو سبزي وڪرو ڪندو هو، ڪالهه سبزي کڻي رڪشا تي وڃي رهيو هو ته موٽرسائيڪل سوارن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويو.
شاهه پور جهانيان ڀرسان مل ملازم جو تشدد سٽيل لاش هٿ
مورو (ن ع آ) شاھه پور جھانيان ڀرسان النور شگر مل جي ملازم علي آباد واسي ھادي بخش کوسو جو تشدد سٽيل لاش مل ڪالوني جي ڪوارٽر مان ھٿ آيو. پوليس موجب ھادي بخش کوسو جو لاش بجلي جي تارن سان وچڙيل ھو، سندس وات ۽ نڪ ۾ بجلي جي تار پيل ھئي. هادي بخش کوسو جي وارثن موجب هنن جي ڪنهن سان به دشمني ناھي،اسان جي همراهه کي بي گناهه قتل ڪيو ويو آهي، انصاف فراهم ڪيو وڃي. هنن ٻڌايو ته ڪوارٽر مان هادي بخش جي موٽرسائيڪل به گم آهي.