اسلام آباد (اعزاز سيد ) لاهور جي هڪ نوجوان عورت هڪ عرب ملڪ جي سفارتڪار تي الزام مڙهيو آهي ته ان کيس يرغمال بڻائي ٻه ڏينهن لڄالٽ ڪئي آهي،نامياري صحافي جو چوڻ آهي ته عورت الزام مڙهيو آهي ته انسٽا گرام تي کيس نوڪريءَ جو آسرو ڏئي اسلام آباد گهرايو ويو ۽ قيد ڪري ٻه ڏينهن لڄالٽ جو شڪار بڻايو ويو. عورت جو سيڪريٽريٽ ٿاڻي ۾ ڪيس داخل نه ڪيو ويو جنهن بعد وڪيل پرويز ڀٽي ذريعي مقامي عدالت پهچي وئي ۽ عدالت جي حڪم تي عورت جي طبي چڪاس ڪئي وئي آهي عمران خان جي عدالتي پيشيءَ واري گهمسان سبب خبر نيشنل ۽ انٽرنيشنل ميڊيا تي رپورٽ نه ٿي سگهي آهي.