دادو ۾ پوليس پاران چوري ٿيل رقم ھٿ ڪرڻ جي دعويٰ

دادو(ڊ ر) تعلقي ميهڙ جي ڳوٺ شاهه پنجو سلطان پوليس اسٽيشن جي حد ۾ ڳوٺ پيروز شاهه ۾ لکين رپين جي ٿيل چوري پوليس هٿ  ڪري ورتي، ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو پاران شاهه پنجو پوليس اسٽيشن جي حد ۾ ڪپڙن جو دڪان ۽ جنرل اسٽور جي دوڪان جا تالا ٽوڙي چوري ڪئي وئي هئي جنهن ۾ ڪپڙا، نقدي رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ٿيڻ جو ايس ايس پي دادو نوٽيس ورتو هو جنهن بعد ايس ايڇ او پوليس اسٽيشن شاهه پنجو کي چوري واپس ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي، پوليس انچارج شاهه پنجو سجاد علي جمالي ۽ انچارج ڊي آءِ سي ايس ايس پي آفيس رانا آصف راجپوت جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال بعد مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي ڳوٺ پيروز شاهه مان چوري ٿيل سامان هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي جنهن ۾ ڪپڙن جا ٿان، ايل سي ڊي، نقد رقم هٿ ڪئي وئي ۽ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي جنهن جي سڃاڻپ احمد علي پٽ محمد سيال طور ٿي آهي ايس ايڇ او شاهه پنجو سلطان پاران دوڪان جي مالڪ سعد الله چنه جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.