لاڙڪاڻو ( ڊر ) لاڙڪاڻي ضلعي اندر ڊجيٽل آدمشماري جو عمل جاري آهي. گهر شماري کان پوءِ مردم شماري دوران اينوميريٽرن کي فراهم ڪيل ٽيبليٽن ۾ صرف 99 سال جي عمر جي ماڻهن جي ڳڻپ ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. جڏهن ته ٽيبلٽن ۾ 100 سالن کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن جي ڳڻپ وارو آپشن موجود ئي ناهي. ان حوالي سان اينوميريٽر سڪندر ڀٽو رتوديرو تعلقي جي شهر بنگل ديرو جي ڳوٺ خيرو ديرو پهچي 106 سالا پيرسن دادن خان پٽ سرائي صابل ڳچل جي گهر پهتو جتي سندس جي ڪٽبن جي ڳڻپ دوران ٽيبليٽ ۾ پيرسن جي ڊيٽا محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته فني خرابيءَ سبب ٽيبليٽ ۾ سندس جي ڊيٽا محفوظ نه ٿي سگهي جنهن کان پوءِ اينوميريٽر طرفان لاڳاپيل اختيارين سان رابطو ڪري کين اهڙي معاملي بابت آگاهي پڻ ڏني وئي