گٽڪو ٿا کپايو، شاهپور چاڪر پوليس همراه  مٿان موبائل چاڙھي ڇڏي، احتجاج

شھدادپور( ن ع آ  ) شھدادپور لڳ ڳوٺ بچل باگراڻي ۾ شاهپور چاڪر پوليس ڪيبن هلائيندڙ اڪبر باگراڻي مٿان ان وقت موبائل  گاڏي ڇاڙهي ڇڏھي جڏھن پوليس ڪيبن هلائيندڙ 13 سالا نيگر شھزاد باگراڻي 18 سالن جي اياز باگراڻي موبائل ۾ کڻي وڃي رهيا ته اڪبر باگراڻي ڇوڪرا ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي پوليس اهلڪارن مٿس پوليس موبائل چاڙھي کيس زخمي ڪري وڌو زخمي همراه سندس وارث ڊاٽسن ۾ کڻي پريس ڪلب شھدادپور پهچي پوليس خلاف احتجاج ڪيو احتجاج ڪندڙن ۾غلام رسول باگراڻي علي مراد باگراڻي ٻين چيوته شاهپور پوليس غنڊا گردي ڪري اسان جي ڪمسن نيگر هڪ نوجوان کي زبردستي مارڪٽ ڪري کڻي وئي پوليس کي اڪبر باگراڻي منٿون ڪيون ته مٿس گاڏي چاڙهي کيس زخمي ڪيو آھي جنهن جي مووي اسان وٽ موجود آھي هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيوته شاهپور چاڪر پوليس اهلڪارن خلاف قدم کٽي انصاف ڪيو وڃي ان موقعي تي ڳوٺاڻن پوليس جون زيادتيون بند ڪيو انصاف ڪيو جا نعره هنيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.