حيدر آباد ۾ رند برادري جو سرداريارمحمد جي پٽ تي قاتلاڻي حملي خلاف احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي رند برادري پاران بلوچستان ۾ رند برادري جي چيف سردار يار محمد خان رند جي پٽ مير سردار خان رند تي ٿيل قاتلاڻي حملي خلاف مجيب رند، شير باز رند، ميروز خان رند ۽ ٻين جي  اڳوڻي ۾ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن مير سردار خان رند تي ٿيل حملي جي مذمت ڪندي گهر ڪئي ته سردار خان رند تي حملو ڪندڙ جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري قانون موجب سزا ڏني وڃي.

  • فيض گنج ۾ پي ٽي آءِ پاران عمران خان جي گھر تي حملي خلاف احتجاج

فيض گنج (ن ع آ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي گهر تي حملي ۽ ريلي تي شيلنگ خلاف پڪاچانگ ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن شوڪت چانگ، ضمير حسين، علي جان، شعيب خان، ذوالفقار بزمي ۽ ٻين پڪاچانگ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو . ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته عمران خان ملڪ جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ ڪم ڪيو، ڪرپٽ حڪمران پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ خاطر عمران خان جا جاني دشمن بڻجي ويا آهن . هنن چيو ته عمران خان جي گهر تي حملو ۽ عمران خان جي ريلي تي شيلنگ ڪئي وئي آهي جيڪا ڪريل حرڪت آهي ان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي هنن چيو ته عمران خان جي ريلي ۽ گهر تي حملو کليل دهشتگردي آهي هنن چيو ته عمران خان کي ڪجھ به ٿيو ته ان جي ذميوار پنجاب پوليس هوندي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.