دادو(ڊ ر) نوشهروفيروز پوليس جو فحاشي جي اڏي تي ڇاپو، دادو جي رھواسڻ شادي شدھ نوجوان ناري کي پوليس فحاشي جي اڏي تان گرفتار ڪري ورتو، پوليس جي ڇاپي بعد فحاشي جي اڏي مان نڪتل دادو واسڻ چيو آهي ته مڙس تشدد ڪري گھر مان ڪڍي ڇڏيو ھو بعد ۾ ھڪ همراهه ڏيڍ لک روپين عيوض فحاشي جي اڏي تي وڪرو ڪيو ھو ۽ مون سان اڏي تي هڪ مھيني تائين جنسي تشدد ٿيندو رهيو روزانو ماڻهو ان اڏي تي ايندا هئا ۽ هتي عورتن سان جنسي ڏاڍائي ڪندا هئا.