شهداد ڪوٽ ۾ سنڌ هاري ڪميٽي طرفان ڊجيٽل آدمشماري خلاف احتجاج ، ڌرڻو

شھدادڪوٽ ( ثمر ڀٽي ) شھدادڪوٽ ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي طرفان هلندڙ ڊجيٽل آدمشماري خلاف مرڪزي صدر ثمرحيدر جتوئي جي  اڳواڻي ۾ ليبر ھال کان احتجاجي مارچ ڪري ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو,ان موقعي مظاھرين نامنظور نامنظور ڊجيٽل آدمشماري نامنظور جا زوردار نعرا پڻ ھنيا,ڌرڻي کي خطاب ڪندي سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمرحيدر جتوئي چيو ته بنا شناختي ڪارڊ جي هلندڙ آدمشماري سنڌ خلاف ھڪ گھري سازش آهي,جنهن مان صاف ظاھر آهي ته ڊجيٽل آدمشماري هڪ مخصوص گروه کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪرائي پئي وڃي، جيڪا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي.ھن چيو ته آدمشماري ۾ سنڌي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي جيڪا ڏھن سالن ۾ ٿيڻي ھئي اھا وقت کان اڳ ڪرائي پئي وڃي جنهن کي سازش نه سمجھجي ته ٻيو ڇا سمجھجي, هن چيو ته وفاقي سرڪار سنڌ کي پنهنجا حق نه پئي ڏئي, سنڌ جا ماڻهو برسات ۾ متاثر ٿيا جيڪي اڃان تائين بي گهر آهن, وفاقي سرڪار سنڌ جي ماڻهن کي ڪو رليف ناهي ڏنو, جڏهن ته ڌرڻي کي ڪامريڊ قادر بخش سيلرو، ڪامريڊ محبوب حيدر، عرس سيلرو، احمدنواز انقلابي، ولي محمد برهماڻي, ڪامريڊ ستار مڱڻھار ، غلام الله سيلرو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو,احتجاج ۾ ڪارڪنن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.