گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي ويجهو موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جو انوکو طريقو ، ڪِرائي تي وٺي ويندڙ بهاني ڦورو موٽر سائيڪل ڦر ڪن ٿا،قادرپور واسي ڪِرائي تي موٽر سائيڪل هلائيندڙ امتياز سومرو کان ڦورو نشو ڏيئي ماٿيلو مومل جي ماڙي درگاھ خان محمود کان موٽر سائيڪل ڦر ڪري ۽ جيپ جي ڦورو به صفائي ڪري فرار ٿي ويا هن احتجاج ڪندي ٻڌايو ته مان ماٿيلو مومل جي ماڙي چوڪي تي اين سي به داخل ڪرائي آهي،پر هن وقت تائين مون سان انصاف ناهي ٿيو ،هن مطالبو ڪيو ته منهنجي موٽرسائيڪل واپس ڪرائي ڏني وڃي جيئن مان پنهنجو گذر سفر ڪري سگهان.
-
سنڌڙي ۾ هٿياربندن جي پيٽرول پمپ تان لکين رپين جي ڦر
سنڌڙي (ن ع آ) سنڌڙي ٿاڻي جي حد سانگهڙ ميرپورخاص روڊ تي جي جي فلنگ اسٽيشن تان ٻن نامعلوم هٿياربندن هٿيارن جي زور تي پيٽرول پمپ جي عملي کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي هڪ لک روپين کان مٿي روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا اطلاع ملڻ تي سنڌڙي پوليس ۽ ڊي ايس پي سنڌڙي واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل ورتا خبر فائل ٿيڻ تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي