اوٻاوڙو ۾ عورت فوت، واقعو آپگهات قرار، علائقي ۾ قتل جا چؤٻول

اوٻاوڙو  ( رپورٽ : عبدالحئي ڇڄڻ ) اوٻاوڙو لڳ مريدشاخ ڀرسان کنڀڙا ٿاڻي جي حد ڳوٺ وارث مزاري ۾ عورت پراسرار نموني فوت وارثن پاران واقعو  خوڪشي ڄاڻائي ڇڏيو، اھڙي  اطلاع تي کنڀڙا پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي فوتي عورت مسمات ارشادان مزاري جو لاش کڻائي تعلقي اسپتال اوٻاوڙو پھچايو جتي اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽرياڻي نه ھجڻ ڪري وارث لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ڏھرڪي تعلقي اسپتال کڻائي ويا جتي ضروري ڪاروائي بعد فوتي عورت جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گھر پھچن تي روڄ راڙو مچي ويو، ھوڏانھن علائقي ۾ فوت ٿيل عورت مسمات ارشادان کي قتل ڪرڻ جا چوٻول آھن ۽ واقعي جو اصل ڪارڻ معلوم نه ٿي سگھيو ۽ آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل به نه ٿي سگھيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.