ڊگھڙي (ن ع آ) ڊگھڙي ڀرسان ديھ 171 جي رھواسڻ پنجن ٻارن جي ماءُ پالي زال جيرام ڪولھي گھر ۾ معصوم ٻارڙا بک سبب ماني لاءِ دانھون ڪندا ھئا پر گھر ۾ ڪجھ ڪو نه کائڻ لاءِ ھو ٻارڙن جون دانھون ڪونه ٻڌي سگھيس ان جي ڪري زھريلي دوا پي خودڪشي ڪري پنھجو پاڻ کي مارڻ ٿي چاھيو جنھن کي وارث بيھوشي واري حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽرن طبعي امداد ڏئي سندس حياتي بچائي ورتي.