ڏوڪري مان اغوا ٿيل شاگرد بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

ڏوڪري ( ن ع آ ) ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ محمد خان چانڊيو جو رهواسي 8 جماعت جو شاگرد سهيل چانڊيو مهينو اڳ مبينا اغوا ٿي ويو هو جنهن  کي سهيڙ پوليس واڍا پل وٽان بازياب ڪرائڻ جي دعوا ڪئي آهي. ان موقعي تي ايس ايڇ او سيهڙ ممتاز علي سيال ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نينگر سهيل چانڊيو کي 5 جوابدارن اغوا ڪري کڻي ويا هئا جيڪي گذريل رات دير سان واڍا پل ايل ايس بچاءُ بند کان نينگر کي ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا ته گشت دروان پوليس جي موبائيل کي ڏسي نينگر کي ڇڏي فرار ٿي ويا جنهن کي بازياب ڪرائي ورتو آهي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهيا آهيون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.