تانيا خاصخيلي ڪيس جي ٻڌڻي، جوابدار پيش نه ٿيا، ٻڌڻي ملتوي

سيوهڻ(ن ع آ)تانيه خاصخيلي قتل ڪيس جي سيوهڻ جي مقامي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي گذري، ايڊيشنل سيشن جج سيوهڻ جي عدالت ۾ ٿيل ٻڌڻي تي تانيه خاصخيلي قتل ڪيس جي فريادڻ دعا خاصخيلي ۽ سندن وڪيل صمد خاصخيلي حاضر ٿيا. جوابدار خان محمد عرف خانو نوحاڻي ۽ سندس وڪيل ايڊووڪيٽ ظھور بلوچ عدالت آڏو پيش نه ٿيا جنهن سبب ڪيس جي ٻڌڻي جاري نه رھي سگهي.جنھن بعد عدالت پاران ايندڙ ٻڌڻي 1 اپريل تي جوابدار ۽ سندس وڪيل کي ھر صورت پيش ٿيڻ جي سخت ھدايت جاري ڪئي وئي. پوليس ذريعن موجب جوابدار خانو نوحاڻي اڄ عدالت ۾ پيش ٿيڻو ھو پر سندس قيدين واري گاڏي خراب ٿيڻ ڪري ھو عدالت آڏو پيش نه ٿي سگھيو. حاضري تي پھتل فريادي ڌر جي وڪيل صمد خاصخيلي ۽ ڪيس جي فريادڻ دعا خاصخيلي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان ھر ڀيري عدالت اچون پيا پر جوابدار ڌر جو وڪيل ٻڌڻي تي نٿو اچي ياد رھي ته 5 سال اڳ 7 سيپٽمبر 2017ع تي زبردستي شادي کان انڪار ڪرڻ تي تانيا خاصخيلي کي گهر اندر قتل ڪيو ويو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.