دادو(ڊ ر) بااثرن جي حملي ۾ زخمي ٿيل بيواھه عورت پنهنجي پٽ سميت دادو پريس ڪلب پهچي پوليس ۽ حملي آورن خلاف احتجاج ڪندي چيو ته اسان صدين کان آباد آھيون، علائقي جي بااثر ماڻهن شبير لغاري، صالح، عبدالله، مولا بخش اسان کي زبردستي لڏائڻ، قبضا ڪرڻ ۽ ڪوڙا کاتا رکرائڻ سميت روزانو اسان تي حملا ڪيا پيا وڃن بيواه راجل جي پٽ ممتاز علي ٻڌايو ته مان مزدوري لاءِ گهر کان ٻاھر هيس ته بااثرن گهر تي حملو ڪري منهنجي والده تي سخت تشدد ڪري کيس رتو رت ڪري سندس مٿو ڦاڙي اسان جي گهر جو سامان اڇلائي موتمار ڌمڪيون ڏئي ويا آھن انهن چيو آهي ته 3 ڏينهن ۾ گهر ڇڏي هليا وڃو، احتجاج ڪندڙ مطالبو ڪيو ته چيف جسٽس پاڪستان، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج دادو ۽ انساني حقن جي تنظيمون، آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي دادو بااثرن ماڻهن خلاف نوٽس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.