ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته آغا خان يونيورسٽي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان سنڌ حڪومت جو قابل اعتماد پارٽنر رهيو آهي پر گذريل ڪجهه سالن ۾ اها ڀائيواري وڌيڪ پائيدار ٿي آهي، جڏهن ڪورونا وبا جو پهريون ڪيس سامهون آيو ته ڪيترائي ان بابت سوال اٿاريا ويا، جن جا جواب ڳولڻ ۾ آغا خان يونيورسٽي جي ماهرن اهم ڪردار ادا ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن آغا خان يونيورسٽي جي 40هين يوم تاسيس ۽ 2022ع جي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پروگرام ۾ شهزادي زهرا آغا خان، چيئرمين ذاڪر محمود ۽ بورڊ آف ٽرسٽيز جي ميمبرن صدر سليمان شهاب الدين، گريجوئيٽ شاگردن ۽ سندن گهرڀاتين شرڪت ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته آغا خان يونيورسٽي وڏي جوش ۽ جذبي سان سرڪاري شعبي جي صحت جي ماهرن کي تربيت ڏني آهي ۽ هڪ هاٽ لائن قائم ڪئي آهي ته جيئن سرڪاري اسپتالن ۾ آءِ سي يو ڊاڪٽر 24 ڪلاڪ انهن کان ڪرونا جي مريضن جي سار سنڀال جي حوالي سان صلاح مشورا حاصل ڪري سگهن. هن اهو به ٻڌايو ته وبا دوران سندس حڪومت وائرس جي پکيڙ ۽ ان جي مختلف قسمن جي حوالي سان آغا خان يونيورسٽي جي ڊيٽا تي انحصار ڪيو، مراد علي شاهه تازو آيل ٻوڏ بابت ڳالهائيندي چيو ته اهڙي ٻوڏ پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن به نه آئي آهي. جنهن هر طرف تباهي مچائي ڇڏي. هن چيو ته آغا خان يونيورسٽي هڪ ڀيرو ٻيهر حڪومتي ۽ نجي شعبي جي مختلف ادارن جي سهڪار سان ان چئلينج کي منهن ڏئي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته آغا خان يونيورسٽي سماج جي ڪنهن خاص طبقي جي خدمت نه ڪري رهي آهي پر سنڌ ۽ پاڪستان جي مجموعي مفاد لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته نوان گريجوئيٽ شاگرد آغا خان يونيورسٽي جي تعليم جي پختگي ۽ غير معمولي صلاحيتن جو مظاهرو ڪندا رهندا. ان کان پهرين سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شهزادي زهرا آغا خان سان ملاقات ڪئي ۽ ساڻس خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.