ٺٽو( ڊ ر ) جھرڪ پوليس ٺٽي ضلعي جي مختلف علائقن مان ونڊ پاور پراجيڪٽ جون ڪيبل چوري ڪندڙ گروھ کي 15 لک ڪيش، ڪرولا ڪار سميت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي. ان سلسلي ۾ ڊي ايس پي جھرڪ قادر خاصخيلي ۽ ايس ايڇ او جھرڪ نيڪ محمد کوسو ايس ايس پي آفيس ٺٽو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تہ جديد ٽيڪنيڪل سسٽم جي مدد سان جھمپير جي علائقي ٽرائيڪون بوسٽن ونڊ پاور پراجيڪٽ لڳ پالاري ڳوٺ ۾ ڪاروائي ڪندي ونڊ پاور پراجيڪٽ جون ڪيبل چوري ڪندڙ گروھ جي 3 جوابدارن جاويد ولد باڪر پالاري، مور ولد دريا خان پالاري ۽ نادر خشال پالاري کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 15 لک رپيا ڪيش ۽ ڪرولا ڪار ھٿ ڪري ورتي آھي، ڪرولا ڪار حيدرآباد جي نسيم نگر ٿاڻي جي حد مان مرتضيٰ کوسو جي چوري ڪئي وئي ھئي. پوليس عملدارن وڌيڪ چيو تہ 12 جنوري 2023ع تي ريلوي اسٽيشن براد آباد ڀرسان آرٽيسٽڪ ونڊ پاور پراجيڪٽ جي ٽاور 112 کان 170 تائين 2011 عدد بريسز چوري ڪيون ويون، 17 ڊسمبر 2022ع تي انڊس پاور پلانٽ جنگشاھي مان 220 بريسز ۽ نٽ بولٽ بہ چوري ڪيا ويا، 16 فيبروري 2023ع تي چائنا ھاربل ڪمپني ڪي فور جنگشاھي جي آر ڊي 26 کان 33 آر ڊي تائين 36 آئرن اينگلس چوري ڪيا ويا، 29 جنوري 2023ع تي جھمپير ڀرسان 35 ميٽر تامبي جون تارون چوري ڪيون ويون، 25 فيبروري 2023ع تي ٽرائيڪون بوسٽن ونڊ پاور پراجيڪٽ جھمپير ڀرسان 300 ميٽر ڪيبل جي تار چوري ڪئي وئي، 3 مارچ 2023ع تي جھمپير کان گھارو جي مين ٽرانسليشن لائين ڪي وي 220 جي چوري ڪئي وئي، مذڪورہ چوري جي وارداتن جون ايف آءِ آرز جھمپير ۽ مڪلي ٿاڻي تي داخل ٿيل آھن. پوليس عملدارن موجب مذڪورہ چوري وارداتن بعد ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ٺٽو جي ھدايتن تي جاچ شروع ڪئي ۽ جديد ٽيڪنيڪل سسٽم جي ذريعي جوابدارن تائين پھتاسين ۽ کين گرفتار ڪري وٽانئن 15 لک ڪيش ۽ حيدرآباد مان چوري ڪيل ڪرولا ڪار ھٿ ڪري ورتي آھي، گرفتار جوابدارن ابتدائي جاچ دوران ٺٽي ضلعي سميت ٻين ضلعن ۾ پڻ چوري جي وارداتن جو انڪشاف ڪيو آھي، جيڪو رڪارڊ پڻ گھرايو ويو آھي، وڌيڪ جاچ جاري آھي.