وارھ (ن ع آ) وارھ ۾ وقار چولياڻي ،سعيد مراد،محرم چانڊيو،۽ ٻين پاران ٽئين ڏينهن به احتجاج مظاھرو جاري رکيو،ھنن عوامي پريس ڪلب اڳيان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڇهھ سالن کان لائبريري جي عمارت جو ڪم مڪمل نه ڪري شاگردن کي علم جي شعور کان محروم رکيو ويو آھي ، ھنن سنڌ حڪومت کان ۽ لاڳاپيل انتظاميا کان مطالبو ڪندي چيو ته اسان جي پرامن احتجاج جو نوٽيس وٺي لائبريري جو ڪم مڪمل ڪري ڏنو وڃي ۔