خيرپور(ڊ ر) خيرپور لڳ ڳوٺ شاھه ڀنگيو جي رھواسين جو برسات جي سروري لسٽن ۾ نالا شامل نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جنھن جي اڳواڻي ڳوٺ شاھ ڀنڱيو واسي صدام مري، ارشاد ڪانڌڙو، علي خان ڪانڌڙو، شريف مري، سليم ڪانڌڙو، تاج محمد ڪانڌڙو، قائم خان مري، مختيار مري ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته مون سون جي برساتن سبب سڀ ڪجھ ختم ٿي ويو پر خيرپور انتظاميا خاص ڪري مختيار ڪار تپيدار ۽ ڪوٽوار کي رشوت نه ڏيڻ ڪري انھن سروي لسٽن ۾ اسان جا نالا شامل ن ڪيا آهن اسان جا فصل ختم ٿي ويا پر اسان کي ٻج ۽ ڀاڻ جا پئسا به نه مليا ابتو انهن کي مليا جن کي زمين جو هڪ ويسو به نه آهي ھنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.