دادو(ڊ ر) سيتاروڊ ۾ اڄ 56 هين ڏينهن به روهڙي، لاڙڪاڻو، دادو، ڪوٽڙي ريلوي ٽريڪ تي گذريل 8 مهينن کان بند پيل مسافر ريل گاڏيون بحال ڪرائڻ لاءِ سيتا سرجڻهار فورم پاران مشهور ميمڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاج جاري رکيو ويو، احتجاجي مظاهري ۾ مشهور ميمڻ، محمد شريف جانوري، شهزاد ميمڻ، فدا حسين ملڪ، غلام مرتضي سومرو، رضا محمد ملاح ، امجد علي کوسو سميت ٻين شهرين شرڪت ڪئي، سيتا سرجڻهار فورم جي سرواڻ مشهور ميمڻ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٻوڏ ۽ برسات کي 8 مهينا گذري چڪا آهن پر ريلويز اختيارين پاران ٽراسپورٽ مافيا جي ڳٺ جوڙ ڪري عوام کي مسافر ريل گاڏين جي سستي ۽ محفوظ سفر کان محروم رکيو ويو آهي.