ٽنڊو حيدر ( ن ع آ ) ٽنڊو حيدر شھر ۾ پبلڪ هيلٿ جي لاپرواهي سبب گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڊرينج جو گندو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب شھرين احتجاج ڪيو، ان موقعي تي حاجي غلام نبي ڪوري، وائيس چيئرمين آصف غفور خانزاده ، يونس خاصخيلي، عبدالشڪور ڪيريو، جهانزيب ڪيريو، شير خان خاصخيلي، عادل ڪيريو سميت ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته پبلڪ هيلٿ انتظاميا جي لاپرواهي سبب ميمڻ پاڙو ڪيريا پاڙو، عيد گاهه ڪالونهي قبرستان ويندڙ روڊ گندي پاڻي هيٺ ٻڏل آھي، جنهن سبب اسان شھر واهي ٻٽي عذاب ۾ مبتلا آھيون جيئن ته ڊرينج جو انتظامي چڪر نه هجڻ ڪري اسڪول مسجد قبرستان توڙي مختلف علائقن ڏانهن ويندڙ روڊ رستا گندي پاڻي هيٺ ٻڏل آھن، ماڻھون لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آھن ، پبلڪ هيلٿ انتظاميا کي ملندڙ بجيٽ کي بهتر نموني استعمال ڪيو وڃي ته اسان شھرين کي گندي پاڻي جي مصيبت مان نجاد ملي سگهي، اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺن.