مڪلي ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني، موٽر سائيڪل چوري

مڪلي( ن ع آ) مڪلي ۽ آسپاس ۾ بدامني چوٽ چڙھيل، پوليس ڪوبہ ٻوٽو نہ ٻاريو، ڏوھارين کي کلي ڇوٽ مليل، رھواسين جو ڦرجڻ معمول بڻجي ويو. ان سلسلي ۾ گذريل رات دير سان مڪلي لڳ مڪلي غلام الله روڊ تي ڊسٽرڪٽ جيل ٺٽو ڀرسان ٻن نامعلوم موٽر سائيڪل سوار ھٿياربندن ھٿيارن جي زور تي آدمشماري ۾ ڊيوٽي بعد مڪلي ترڪش ڪالوني ويندڙ استاد محمد حسن ٻجورو کي ھٿيارن جي زور تي يرغمال بنائي کانئنس موٽر سائيڪل، ھڪ ڊوائيز ٽيبليٽ، موبائل فون ۽ ڪيش رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا، مڪلي ٿاڻي تي رپورٽ درج ڪرائڻ باوجود پوليس ڪجھ بہ ڪري ناھي سگھي. ياد رھي تہ مڪلي سميت پوري ضلعي ۾ چوريون ڦرون عام ھجڻ ڪري عوام جو ڦرجڻ روز جو معمول بڻيل آھي پر پوليس ڏوھي وارداتون ڪندڙن جو پتو لڳائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آھي ۽ نہ وري وارداتن دوران ڦرجي ويل رھواسين کي انصاف ملي سگھيو آھي.

  •  پورهيت جو پٽ ۽ ڀاءُ مبينا قتل ۽ ٻئي پٽ جي اغوا خلاف حيدرآباد ۾ احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) خيرپورناٿن شاهه جي رهواسي محمد حسين شورو حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪندي ٻڌايو ته هڪ سال اڳ مشوري برادري جي ماڻهن سندس هڪ پٽ ۽ ڀاءُ کي قتل ڪيو هو،  جڏهن ته هڪ زخمي پٽ مظهر کي اسپتال مان اغوا ڪيو ويو، جنهن جو ڪو به پتو نه پئجي نه سگهيو آهي. هن چيو ته مشوري برادري سان زمين تڪرار هلندڙ آهي، جڏهن ته هنن منهنجي ڀاءُ ۽ پٽ جا 5 معصوم ٻارڙا به يرغمال بڻائي ڇڏيا آهن. هن چيو ته حد جي پوليس وٽ دانهڻ باوجود به پوليس جوابدارن کي گرفتار نٿي ڪري. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي پٽ مظهر کي بازياب ڪرائي تحفظ ۽ انصاف ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.