قمبر مان کنڀي گم ڪيل شاگرد بازياب نه ٿيو، لاڙڪاڻي ۾ احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ تعلقي قمبر جي ڳوٺ صاحب خان ڳورڙ جي رهواسي عورتن، مردن ۽ ٻارن ٽي ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل بي ايس جي شاگرد نوجوان جي آزاديءَ لاءِ ڪالهه ٻئي ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان  احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي هنن نوجوان جون تصويرون هٿن ۾ کڻي نوجوان جي آزاديءَ جو مطالبو ڪيو. ان موقعي تي پيرسن پورهيت علي نواز منگي پنهنجي گهر واري اشرف خاتون، ڌيءَ نوشين، پٽ آصف علي منگي ۽ ٻين وارثن سان گڏجي دانهيو ته منهنجو نوجوان پٽ الله رکيو عرف آفاق منگي قمبر جي گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ۾ بي ايس سي جي تعليم حاصل ڪندو آهي جنهن جو ڪنهن به سياسي يا قومپرست پارٽي سان تعلق ناهي، ٽي ڏينهن اڳ رات دير سان گهر مان بيگناهه کنڀي گم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پٽ جي کنڀجڻ کان پوءِ سمورا گهر ڀاتي سخت تڪليفن ۾ مبتلا آهيون. هن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، انساني حقن جي تنظيمن سميت ٻين لاڳاپيل ادارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي پٽ کي جلد آزاد ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.