خيرپور ۾ اغوا ٿي ويل نوجوان بازياب نه ٿيو، وارثن پاران قتل جو شڪ

خيرپور(ڊ ر) خيرپور ڀرسان ڳوٺ مٺڙي جو مبينا اغوا ڄاڻايل نوجوان ذوالفقار رڏ بازياب نه ٿي سگهيو جنھن ڪري مغوي جي ڀيڻ فرزانا رڏ پريس ڪلب خيرپور پھچي صحافين اڳيان احتجاج ڪندي الزام هنيو آهي ته منهنجي ڀاءُ ذوالفقار رڏ کي برادري جي بااثرن مومن رڏ ۽ ٻين موٽر چوري جي ڪوڙي الزام هيٺ اغوا ڪري مٿس وحشياڻو تشدد ڪيو ۽ سڄي ڳوٺ جون ناليون صاف ڪرائڻ سان گڏ کيس ويهڪ واري جڳھ ۾ مرچ وڌا آهن ۽ جنسي زيادتي جو نشانو پڻ بڻايو آهي هن چيو ته ٿاڻي تي رپورٽ درج ڪرائڻ باوجود پوليس ڪابه ڪارروائي نه پئي ڪري هن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته سندس ڀاءُ کي قتل ڪيو ويو آهي ھن ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته نوجوان کي بازياب ڪري ساڻس انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.