ميرپور ماٿيلي ۾ دوستي نه رکڻ تي اغوا ڪوشش، غير اخلاقي وڊيو وائرل ، احتجاج

ميرپورماٿيلو ( رپورٽ: نصر الله گڏاڻي ) جروار ۾  پ پ ايم اين اي جو ڊرائيور اوباش جوابدارن اربيلو ٿھيم ۽ سندس ڀاءُ شبير ٿھيم بوزدار محلي جي رھواسڻ غريب عورت رضيا سومرو ۽ سندس گھر ڀاتين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي. جڏھن ته ڪجهھ ڏينھن اڳ جروار شھر مان مڙس سان گڏ  گھر ويندڙ ڄاڻايل عورت کي ڄاڻايل جوابدارن ۽ سندس ساٿين مبينا طور اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي مزاحمت ڪرڻ تي زال مڙس کي ڌڪ ھنيا ويا ۽ عورت جا ڪپڙا ڦاڙي سرعام تذليل ڪئي وئي. سوشل ميڊيا تي عورت جي روزانا بي انتھا تذليل ڪئي پئي وڃي. جنھن خلاف عورت رضيا سومرو پنھنجي مڙس حنيف سومرو ۽ ڌيءَ مائي سلمه سومرو سان گڏجي پريس ڪلب پھچي احتجاج ڪندي دانھيو ته دوستي رکڻ لاءِ اربيلو ٿھيم بليڪ ميل ڪري ٿو. سندس غيراخلاقي ويڊيوز ۽ تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيون وڃن ٿيون. ھٿيارن جي زور تي سرعام ڪيل اغوا جي ڪوشش،تشدد ۽ تذليل جو ڪيس داخل ڪرڻ بجاءِ جروار پوليس اڻ ٻڌڻ جوڳي ايف آءِآر ڪري زيادتي ڪئي آھي. پ پ ايم اين اي  جو ڊرائيور ۽ پ پ اڳواڻ  جو خاص ماڻھو آھي، وڏو وزير، آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.