ميرپورٻرڙو (ن ع آ) ميرپورٻرڙو ٿاڻي جي حد ۾ چوريون ۽ ڦر جو وارداتون گھٽ نه ٿيو ڳوٺ ھمت ٻرڙو جي راھوسي سھڻو جعفري جي گھر کي نامعلوم چور کاٽ ھڻي مينھن ڪاھي ويا ھلندڙ ھفتي ۾ چوري ڦر جو وارداتون 8 ٿي ويو ميرپورٻرڙو پوليس شھر ۽ ڀرپاسي ۾ امن امان قائم ڪرڻ ۾ ناڪام بڻجي وئي شھرين جو ايس ايس پي جيڪب آباد سمير نور چنا کان مطالبو ڪيو آهي ته ميرپورٻرڙو ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي بدلي ڪري ڪو نئون ايس ايڇ او مقرر ڪري شھر ۾ امن امان قائم ڪري ڏنو وڃي
-
لاڙڪاڻي ۾ رولو ڪتن 11 ڄڻن کي زخمي ڪري وڌو، اسپتال منتقل
لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀروارن علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار گهٽجي نه سگهيو، رولو ڪتن 11 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو جن ۾ 6 سالن جو رفيق، 8 سالن جو شاهده علي، 15 سالن جي پرهه، 4 سالن جو عذير، 4 سالن جي سائره بيبي، 12 سالن جي ڪبريٰ بيبي، 44 سالن جو گل حسن، 30 سالن جي آسيه خاتون، 26 سالن جو اياز علي، 11 سالن جو رضوان ۽ 35 سالن جو عابد علي شامل آهن، جن کي سندن وارثن ڌار ڌار زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن ايمرجنسي وارڊ ۾ قائم اينٽي ربيز ويڪسين سينٽر آندو جتي سمورن زخمين کي ويڪسين ۽ ضروري علاج ڏئي گهر روانو ڪيو ويو. ان حوالي سان سينٽر جي انتظاميه ٻڌايو ته رولو ڪتن جي ڏاڙهيل زخمين جو واسطو لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀروارن علائقن سان آهي جن کي بروقت ويڪسين ۽ ضروري علاج ڏئي گهر روانو ڪيو ويو آهي.