وارهه لڳ نوجوان آزاد نه ٿيو، امڙ ۽ ڀائرن جو پاڪ ڪتاب کڻي نائين ڏينهن به احتجاج

وارھ، ( ن ع آ )  ڳوٺ رمضان بروھي واسي 22سالا نوجوان علي احمدولد علي شير بروھي بازياب نه ٿيو ،سندن جي ملڪيت تي قبضو برقرار  والده ،ڀائرن پاران نائين ڏينهن به احتجاج جاري رکيو ،منهنجي پٽ علي احمد  پنهنجي چاچي محمد رمضان،خان محمد کان پنهنجي سئوٽ جو رشتو گھريو ، جن نياڻي کي زبردستي ٻئي ھنڌ پرڻائڻ جي ضد ۾ پنهنجي عدالت لڳائي گهر۽  زمين تي قبضو ڪري منهنجي پٽ کي باندي بڻائي ڇڏيو آھي ،ٻه مهينن کان ھنن ڏي ۽ بروھي قوم جي چڱن ڏي قرآن پاڪ کڻي ويا آھيون ھو ٻين پٽن کي به مارڻ جو ڌھمڪيون ڏئي رھيا آھن جوابدار بااثر ھجڻ ڪري ڪيربه مدد نٿو ڪري، ھن ٻڌايو ته پٽ احمد علي لاڙڪاڻي ۾ مسافرگاڏين جي ٽڪيٽ بڪ ڪرڻ جي آفيس ڊيوٽي ڪندو ھيو،جتان سندس چاچو خان محمد،محمد رمضان ورغلائي موٽر سائيڪل تي کڻي وڃي نامعلوم ھنڌ بند ڪري ڇڏيو،۽ ٻه مهينا گذرڻ باوجود پٽ جو ڏس پتو ڏيڻ لاء تيار ناھن، ھنن چيو ته خان محمد،رمضان،خيرمحمد،علي اڪبر بروھي  وحشي آھن جن پنهنجي خانگي عدالت ذريعي  ڪيترن ئي نياڻن مٿان ظلم ڪيا  آھن ، جنهن ڪري شڪ آھي ته سڀني گڏجي منهنجي ٻچڙي کي ڪٿي  قتل نه ڪري ڇڏيو ھجي ،ھنن آءِ  جي سنڌ ،ڊي آءِ  جي لاڙڪاڻو،سپريم ڪورٽ ۽ وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته منهنجي دانهن جو نوٽيس وٺي پٽ بازياب ڪرائي ڏنو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.