گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي ۾ بدامني عروج تي پهتل ، گهوٽڪي جي سينئر صحافي يونس ڀٽو جي شاهي بازار مان گهوٽڪي جي سينئر صحافي يونس ڀٽو جي موبائل فون بشني ڪڍي فرار ٿي ويا , ان حوالي سان گهوٽڪي جي قلم ڌڻين ۽ سياسي سماجي ڌرين ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ گهوٽڪي اي سيڪشن پوليس کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور گهوٽڪي جي بدامني تي ڪنٽول ڪري صحافي يونس ڀٽو جي موبائل فون واپس ڪرائي وڃي , ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو
-
لاڙڪاڻي ۾ گهر ٻاهران ٻڪري چوري، ڀاڳيو پڙي پهتو، چور هٿ
لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي رحمت پور ٿاڻي جي حد ڀينس ڪالوني واري علائقي ۾ اڻڄاتل چور صبح سوير گهر ٻاهريان ٻڌل ٻڪري چوري ڪري فرار ٿي ويو جنهن تي ٻڪري جي مالڪ ٻڪري جي ڳولا ڪندي شهر جي ستون نمبر ناڪي واري علائقي ۾ لڳل ٻڪرا پڙي پهچي ويو جتي هن چور طرفان سندس ٻڪري 25 هزار روپين ۾ وڪرو ڪندي ڏسي حد جي ٿاڻي جي پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو جنهن تي پوليس پهچي چور کي ڪٽڪو ڏئي ٻڪري سميت ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو. چور جي سڃاڻپ نواز جتوئي طور ٿي، جاچ هلندڙ آهي.
-
سلطانپور اسڪول انتظاميا شاگردن جا فارم بحال نه ڪيا
سلطانپور ( ن ع آ ) سلطانپور گورنمينٽ بوائز ھائير سيڪنڊري اسڪول انتظاميه جي خلاف شاگردن جا فارم بحال نه ٿيڻ توڙي ڪورٽ جي حڪم تحت فيس واپس نه ڪرڻ خلاف شاگردن، والدين ۽ سڄاڻ ڌرين پاران اڄ اسڪول جي مين گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، ان موقعي تي ڊائريڪٽر سکر ريجن معاملي جو نوٽيس وٺي تعلقي ايجوڪيشن آفيسر کي موڪلي مسئلو حل ڪرايو ويو، جيڪو ڊائريڪٽر صاحب جو وقتائتو ۽ بهترين عمل چئبو پر تنهن باوجود به شاگردن کان فارم نه ورتا ويا، اسڪول انتظاميه ڊائريڪٽر، ڊي اي او ۽ ٽي اي او جي حڪمن کي هوا ۾ اڏائي ڇڏيو
-
عثمان شاھه ھڙي ڀرسان جھيڙو، پيرسن عورت سميت 3 ڄڻا زخمي
عثمان شاھ ھڙي (ن ع آ) عثمان شاھ ھڙي ويجهو ڊاسوڙي جي حد واري ڳوٺ بچل ساند وٽ ساند برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي آڏ تان جيھڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پرسن عورت سميت 3 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا زخمين علي نواز ساند، ھاشم ساند، مسمات ثريا زال هاشم ساند شامل آھي جن کي پوليس ليٽر ڏئي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو زخمين ڌر جي هاشم ٻڌايو ته سندن مخالف حسين بخس، ڪارو، پنهون، حق نواز ساند وارن اسان مٿان ڪهاڙين ۽ لٺين سان اسان مٿان حملو ڪيو پر اطلاع ڀاوجود ڊاسوڙي پوليس ڪنهن قسم جي ڪاروائي نه ڪئي هنن ڊي آء جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ٽنڊوالهيار کي انصاف جي اپيل ڪئي ته واقعي جي جانچ اسان غريبن سان ٿيل ظلم جو نوٽيس وٺي ملوث ماڻھن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.