دادو(ڊ ر) دادو جي ڪاڇي واري علائقي ۾ واقع ڳوٺ هوت خان شاهاڻي يونين ڪائونسل ٽنڊورحيم تعلقو جوهي جي رهواسي صحافت ڪندڙ الطاف شاهاڻي مٿان پوليس اسٽيشن گاجي شاهه جي آفيسرن ۽ اھلڪارن صحافي مٿان سخت تشدد ڪري لاڪ اپ ڪر ي ڇڏيو جنھن بعد معزز ماڻهو جي مداخلت تي کيس آزاد ڪيو ويو صحافي الطاف شاهاڻي رابطي تي ٻڌايو ته منهنجي ڪڻڪ جي فصل جو چوري لابارو ڪندڙ جوابدار ڌر خلاف ٿاڻي تي انهن دانهن کڻي پهتس ته گاجي شاهه پوليس منهنجي فرسٽ رپورٽ داخل نه ڪرڻ بجاءِ وحشياڻو تشدد ڪيو. متاثر صحافي آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته منهنجي مٿان تشدد ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.