ٽنڊو الهيار شهر مان پرڻيل عورت ٻارن سميت اغوا، وارثن جو احتجاج

ٽنڊوالهيار (ڊ ر ) ٽنڊوالهيار شهر جي جنڊاوڙا پاڙي جي رهواسڻ شادي شده عورت لاڏوڙي زال رامجي ٻن ٻارڙن سميت مبينا گم ٿي وئي، جنهن بعد وارثن پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ،  ان موقعي تي عورت جي ماءُ  هرپي جنڊا وڙي ۽ ڀيڻ پوجا جنڊاوڙي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل رات 12 وڳي نامعلوم ماڻهون لاڏوڙي کي اغوا ڪري کڻي ويا آهن، اسان جي ڪنهن سان دشمني ناهي اسان پني پيٽ گذر ڪندا آهيون،  اسان جي نياڻي کي بازياب ڪرايو وڃي.شڪ آهي ته لاڏوڙي کي اسان جي برادري جي ماڻهون پويو جنڊاوڙي اغوا ڪيو آهي کيس گرفتار ڪري ڌيءَ کي بازياب ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.