ٽنڊو آدم لڳ حيسڪو 9 ڳوٺن جي بجلي ڪاٽي ڇڏي، احتجاج

ٽنڊو آدم (ن   ع    آ )  حيسڪو سب ڊويزن ٽنڊو آدم ٽو جي ايس ڊي او خالد ڀنگوار بجلي جون باقايائون ادا نه ڪرڻ سبب ٽنڊو آدم لڳ 9  ڳوٺن قيصر چغتائي، سانوڻ ٻرڙو، سومارچاڪراڻي، عرس ٻجورو، لطيف شاھ، دين محمد ورياھ، سلطان خاصخيلي، علي محمد يوسفاڻي ۽ شريف پنجابي جي بجلي ڪاٽي ڇڏي ۔ حيسڪو اختيارين موجب ڄاڻايل ڳوٺن ڏي 41 لک 85 هزارن جون بقايائون رهن ٿيون جيڪي  نه پيارڻ سبب اها ڪاروائي ڪئي وئي آھي۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.