مانجهند (ن ع آ) مانجهند ۾ ٿيليسيميا جي بيماري جي ٻارڙن جي رت جي کوٽ جي سلسلي ۾ رت جي عطئي جي ڪيمپ لڳائي وئي جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ شھرين حصو ورتو ان موقعي تي ڪيمپ نگران شفقت حسين قادري حافظ خادم حسين ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪيترن ئي غريب مسڪين ٻارڙن کي رت جي کوٽ ھئڻ سبب زندگيون ضايع ٿي وڃن ٿيون جنهن ۾ دعوت اسلامي طرفان رت جي ڪيمپ لڳائي آھي جنهن ۾ علائقي واسين پنهبجي رت جو عطيو ڏئي معصوم ٻارڙن جون زندگيون بچائڻ لاءِ ڀرپور حصو ورتو آُھي.
-
بھارو ويجھو ڳوٺاڻن پاران روڊ جو ھلندڙ ڪم روڪرائي ڇڏيو، ڌرڻو
بهارو (ن ع آ) بهارو ڀرسان ھميرجي شاخ جي ڪپر سان لاڙڪاڻو خيرپور باءِ پاس سان ملندڙ لنڪ روڊ ھلندڙ ڪم ڳوٺاڻن روڪرائي ڇڏيو آهي ان ڏس ۾ ڳوٺ امير بخش سروهي واسين وسيم احمد سروھي، نسيم احمد امام الدين سروھي ۽ ٻين روڊ تي رڪاوٽون رکي ٽائرن کي باھيون ڏئي روڊ بند ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي روڊ جو سامان کڻي ايندڙ گاڏين جون قطارون لڳي ويون، ڳوٺاڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته روڊ جي ڪپرن تي بااثرن قبضو ڪري روڊ کي سوڙھو ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته آبپاشي کاتي پاران ھڪ طرفي ڪارروائي ڪري جن غريبن جون اڏاوتون ڊاھي بااثرن کي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي جنهن سبب روڊ صرف 8 ڦوٽ رھيو آھي جتان گاڏيون گذري نٿيون سگهن ان لاءِ ھنن اينٽي انڪروچمينٽ، آبپاشي کاتي گمبٽ ۽ ٻين وس وارن کان گهر ڪئي ته جلد روڊ تي قائم ناجائز اڏاوتون ھٽائي قبضا ختم ڪرائي روڊ کي ڪشادو ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
-
لوگو بحال ڪريو،لاڙڪاڻي ۾ ساس جو احتجاج
لاڙڪاڻو(ڊ ر) سنڌي ادبي سنگت ضلعي لاڙڪاڻي طرفان سنڌ جي ثقافتي ۽ تاريخي اهڃاڻ ڍڳي واري لوگي کي بحال ڪرائڻ لاءِ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي ضلعي رابطه سيڪريٽري استاد گل دايو، مصور منگي، زاهد حسين جوڻيجو، روشن ٽوٽاڻي، شهمير سومرو ۽ ٻين چيو ته سنڌي ادبي بورڊ جي انتظاميه سنڌ جي ثقافتي ۽ تاريخي اهڃاڻ ڍڳي واري لوگي کي هٽائي سنڌ جي ثقافت ۽ تاريخ تي وار ڪيو آهي، اسان سمجهون ٿا ته سنڌ جي ثقافت تي وار سنڌي قوم تي وار جي برابر آهي. هنن چيو ته سنڌي ادبي بورڊ سنڌ جو علمي ۽ ادبي ادارو آهي، هن اداري پاران ڍڳي وارو تاريخي لوگو 1957ع کان استعمال ۾ آندو پئي ويو، پر ڪجھ وقت اڳ ڪجهه انتهاپسند سوچ رکندڙ ماڻهن ڍڳي واري لوگي کي ختم ڪري ڇڏيو، لوگي کي بحال ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
-
دوڙ ۾ خانزاده راجپوت برادري پاران فوج سان اظھار يڪجھتي لاءِ اڄ ريلي جو اعلان
دوڙ(ن ع آ) دوڙ شهر جي رهواسي خانزاده راجپوت برادري جي ماڻهن خورشيد عالم خانزاده، اعظم خانزاده ۽ انور عادل خانزاده پريس ڪلب دوڙ پھچي ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ملڪ جي موجود حالات جي ڪري سياسي ۽ معاشي بيچيني عروج تي پھتل آھي، قيام پاڪستان لاءِ جانين جو نذرانو پيش ڪرڻ واري خانزاده راجپوت برادري طرفان 19 مارچ تي پاڪ فوج سان اظھار يڪجھتي لاءِ پاڪ فوج زنده ريلي جو انعقاد ڪيو ويو آھي، جنهن ۾ پوري ملڪ مان خانزاده راجپوت برادري جا اڳواڻ شرڪت ڪندا. ريلي زيرو پوائنٽ نوابشاهه مان شروع ٿي دوڙ شھر پھچندي، جتي مقامي شادي ھال ۾ برادري جو يارھون عالمي يوم خانزاده راجپوت جو جلسو ٿيندو، جنهن جو مھمان خاص سردار راشد خانزاده ھوندو. جلسي ۾ سڄي ملڪ مان برادري جا معززين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندا.