سنڌي قوم کي هميشه نعري جي پٺيان لڳايو ويو آهي: ساڃاهه وند

حيدرآباد(رپورٽر) اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن چيو آهي ته علم سان عشق ٿيندو آهي، علم معروضي حالتن جي پيداوار آهي، هر ماڻهو کي پنهنجي معنيٰ پاڻ پيدا ڪرڻي هوندي آهي، هن دور ۾ اصل جي جڳهه تي جعلي شين  جنم ورتو آهي، ڊي سينٽرلائيز جي آڙ ۾ سينٽرلائيز دور مڙهيو ويو آهي، اسان مارڪيٽ جا ماڻهو ٿي ويا آهيون، اسان جو وجود شيون طئه ڪري رهيون آهن، اڄ جي دور انسان، علم، فڪر، ثقافت ۽ معشيت سميت هر شيءِ کي بيدخل ڪري ڇڏيو آهي، اسان سنڌي جذباتي قوم آهيون، اسان وٽ عقل جي کوٽ آهي، اسان هميشه نعري جي پٺيان هلندڙ رهيا آهيون. اهڙو اظهار هنن سنڌ فڪري اسڪول طرفان ”ايڪويهين صدي، علم جون وسعتون ۽ سنڌي سماج“ جي موضوع تي سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي ڊاڪٽر اين اي بلوچ هال ۾ ڪوٺايل فڪري ويهڪ کي خطاب ڪندي ڪيو ويو. ان موقعي تي نامياري ليکڪ جامي چانڊيو چيو ته علم ۾ عشق نه پر علم سان عشق ٿيندو آهي، تاريخ اسان وٽ تاريخ نه پر رومانس آهي، علم ۽ سائنس جو هڪ ڪلچر ٿئي ٿو، پنهنجو پاڻ کي آخري نه سمجهبو، هن وقت موجوده تعليمي ادارن جي حالت خراب ڪئي وئي آهي، ان جي حالت بهتر ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ليکڪ ڊاڪٽر غفور ميمڻ چيو ته علم جي باري ۾ ڪا تشريح سامهون ناهي اچي سگهي، علم جي شروعات شڪ سان ڪرڻ گهرجي، علم جي شروعات ڪجهه نه اچڻ سان ٿئي ٿي، علم معروضي حالتن جي پيداوار آهي، هر هڪ ماڻهو کي پنهنجي معنيٰ پنهنجو پاڻ پيدا ڪرڻي آهي، 90ع کانپوءِ آيل دور ٻين دورن کان تبديل آهي، ان جي اسٽريم مختلف آهي، جنهن دور کي ڪيترائي نالا ڏنا وڃن ٿا پر آئون ان دور کي خاموش دور سمجهان ٿو، هن دور ۾ اصلي جي جڳهه تي جعلي شين جنم ورتو آهي، هن وقت يونيورسٽي جي ڊگري اهميت نٿي رکي، سوشل ميڊيا ذريعي گلوبلائيزيشن ٿي وئي آهي، ڊي سينٽرلائيز جي آڙ ۾ سينٽرلائيز دور مڙهيو ويو آهي، دنيا جي هر شيءِ ڪمپيوٽرائيزڊ آهي، هاڻ اهڙو دور اچي ويو آهي ته سٺو پيءُ اهو تصور ڪيو وڃي ٿو، جيڪو پنهنجي ٻار کي رات جو دير سان به سٺو پيزا کارائي سگهي، سٺو مڙس اهو آهي، جيڪو زال کي وڏن شاپنگ مالز تان خريداري ڪرائي، اسان مارڪيٽ جا ماڻهو ٿي ويا آهيون، اسان جو وجود شيون طئه ڪري رهيون آهن. هن چيو ته هي دور اهو آهي، جنهن انسان، علم، فڪر، ثقافت ۽ معشيت سميت هر شيء کي بيدخل ڪري ڇڏيو آهي، هاڻ اهو دور آهي جنهن ۾ هر لمحي جي نئين تاريخ آهي، ايندڙ دور اهڙو هوندو، جنهن ۾ دماغ ٽرانسپلانٽ ٿي سگهندو، علم ڊائون لوڊ ٿي سگهندو، ورچوئل يونيورسٽيون قائم ٿي وينديون. هن چيو ته اسان سنڌي جذباتي قوم آهيون، اسان وٽ عقل جي کوٽ آهي، اسان هميشه نعري جي پٺيان هلندڙ رهيا آهيون. امر فياض ٻرڙو چيو ته ماضي جي شاهدي حال نٿو ڏئي ته توهان جو ماضي ڪوڙو آهي، اسان ڪجهه عرصو اڳ اهو محسوس ڪيو هو ته اهڙو دور ايندو، جنهن ۾ پئسي نه پر ڄاڻ جي ضرورت هوندي. هن چيو ته اسان انسائيڪلوپيڊيا ذريعي سنڌ جي اديبن، دانشورن، شاعرن ۽ ليکڪن جا پروفائيل لکڻ شروع ڪيا، اسان جي 117 پروفائيل اپلوڊ ڪيا، جن مان اچانڪ 72 پروفائيل ڊليٽ ٿي ويا، جنهن کانپوءِ خبر پئي ته صرف اديبن، دانشورن، شاعرن ۽ ليکڪن جا پروفائيل هئڻ تي 72 پروفائيل ڊليٽ ڪيا ويا، اي ميل ذريعي چيو ويو ته ڇا توهان وٽ ڪي سائنسدان ناهن، ڪي تعليمي ماهر ناهن، اسان ان حوالي سان پروفائيل ڪرڻ جي شروعات ڪئي، وڏي مشڪل سان 6 پروفائيل ٺاهي سگهياسين، جن مان به 3 ڊليٽ ڪيا ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.