نوشهرو ( ڊر ) نوشهروفيروز ڪنڊيارو مورو تعلقن جي يونين ڪائونسلن جي مختلف ڳوٺن جي ڳوٺاڻن وزيرعلي، گداحسين، ڌڻي بخش، علي شير، محمد سڌير، نواب الدين ۽ ٻين احتجاج ڪيو، ان موقعي تي هنن چيو ته پبلڪ هيلٿ کاتي جي ملازم رفيق احمد سهيڙ کي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪري رکيو ويو آهي، جنهن ڪجهه ڪرپشن ۾ مهارت رکندڙ سيڪريٽرين کي 3 کان 4 يونين ڪائونسلن جون چارجون ڏئي ماهوار سنڌ حڪومت پاران ملندڙ 2 ڪروڙ 30 لک جي بجيٽ 90 لک پگهار ۾ ڏيکاري 1 ڪروڙ 40 لک ماهوار هضم ڪري رهيو آهي اهڙي ڪرپشن جي شڪايت ٿيڻ کان پوءِ کيس ڪجهه ڏينهن جي لاءِ هٽائي وري ٽن مهينن کان ٻيهر کيس ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو آهي، اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺن، ٻئي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو.