نوشهري فيروز ۾ سنڌي ادبي سنگت پاران درسي ڪتابن تان موهن جي دڙي واري ڍڳي جو لوگو هٽائڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
شهرين، فنڪارن ۽ ساڃاهه وندن ادبي سنگت جي ڊاڪٽر برڪت ملڪ،اسد وسطڙو، بچل مهر، سنڌ صحافي اتحاد جي يونس راڄپر، ظفر تڳڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري سنڌ حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي
ان موقعي تي اڳواڻن عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته موهن جي دڙي واري ڍڳي جو لوگو پنج هزار سال پراڻي تهذيب جو اهڃاڻ آهي، سازش تحت ان لوگو کي ڪتابن تان هٽائي تاريخي اهڃاڻ سان هٿ چراند ڪئي وئي آهي
هنن چيو ته اهڙي عمل خلاف سنڌ جا شاعر، اديب ۽ ساڃاهه وند لڳاتار سراپا احتجاج آهن پر حڪومت جي ڪن تي جونءَ به نٿي چري، سنڌ جي تاريخي آثارن جي اهڃاڻن کي مٽائڻ جون ڪوششون بند ڪيون وڃن
مظاهرين سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين ۽ ٻين اختيارين کان گهر ڪئي ته درسي ڪتابن تي موهن جي دڙي واري ڍڳو جو لوگو ٻيهر بحال ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو
نوشهروفيرو ۾ درستي ڪتابن تان موهن جي دڙي جي ڍڳي وارو لوگو هٽائڻ خلاف احتجاج
You might also like