سنڌ جتي انيڪ مسئلن جو شڪار آهي اتي روڊن رستن ۽ پلين جي حالت به ڳڻتي جوڳي آهي. سنڌ جا ڪيترائي علائقا اهڙا آهن جتان جا رهواسي اڄ جي جديد دور ۾ به اچ وڃ لاءِ پريشانين کي منهن ڏين ٿا ۽ ڪاٺ جون هٿرادو پليون ٺاهي گذرن ٿا، هي منظر ميرپورساڪري ويجهو ڄام ساڪرو آئوٽ فال ڊرين سم نالي تي ٺهيل پل جا آهن جتان جا رهواسي توڙي اسڪولي ٻارڙا حياتي جوکي ۾ وجهي سم نالو پار ڪن ٿا.
ڏهه لک جي وڏي آبادي واري علائقي جي ماڻهن وٽ چونڊيل نمائندا اچن ته ٿا پر صرف ۽ صرف ووٽ وٺڻ لاءِ، سم نالي ويجهو آيل ڪيترن ئي ڳوٺاڻن کي اچ وڃ توڙي سوين شاگردن کي اسڪول وڃڻ لاءِ پنهنجي مدد پاڻ تحت ٺاهيل ڪاٺ جي ڦٽن واري پل ٽپڻي پوي ٿي، جتان گذرڻ سندن حياتين لاءِ خطرو بڻيل آهي.
ان ڪاٺ جي پُل تان نه ڪنهن گاڏي گذارڻ نه ئي ڪو سامان کڻي سگهڻ جيتري جاءِ يا سگهه آهي، ڪيترائي معصوم ٻارڙا پُل تي لڳل ڪاٺ جي ڦٽن تان پير ترڪڻ سبب زندگيون وڃائي چڪا آهن.
ان حوالي سان مختلف ڳوٺن مراد علي رند، حاصل رند، ڏاهي رند، عباس رند ۽ ٻين جي ڳوٺاڻن علم الدين، بابو ۽ عمران رند عوامي آواز کي ٻڌايو آهي ته اسان قديمي ڳوٺ ۾ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ آباد آهيون پر اڄوڪي جديد دور ۾ به اسان کي بنيادي سهولتون ناهن.
هنن چيو ته ڪيترائي ڀيرا چونڊيل نمائندن توڙي اختيارين کي دانهڻ باوجود پَڪي پُل نه ٺاهي ڏيڻ سبب پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪاٺ جي پُل ٺاهي آهي جنهن تان ٻارن توڙي ڳوٺاڻن ۽ عورتن جو گذر موت جي منهن ۾ وڃڻ کان گهٽ ناهي
پُل ڪمزور هجڻ ڪري ڪيترائي ڀيرا حادثا ٿي چڪا آهن جڏهن ته اڃا به اهڙا خطرا موجود آهن جنهن ڪري ٻارڙن جا والدين سخت پريشان رهن ٿا.
ڳوٺاڻن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي سم نالي تي پُل ٺهرائي ٻارڙن جو زندگيون بچايون وڃن.
ياد رهي ته هي علائقو هڪ ايم اين اي ۽ ٽن ايم پي ايز جي حد ۾ اچي ٿو پر هن وقت تائين ڪنهن به ڳوٺاڻن جي واهر ناهي ڪئي……….
ميرپورساڪري ويجهو سِم نالي تي ڪاٺ جي موري، شاگردن جون زندگيون داءَ تي لڳل
You might also like