لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف زمان پارڪ آپريشن تي آءِ جي پوليس پنجاب ۽ ٻين آفيسرن خلاف توهين عدالت جو ڪيس ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
فواد چوڌري سميت ٻين اڳواڻن لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ چيو ته جيڪو زمان پارڪ ۾ ٿيو، اهو واضح طور تي دهشتگردي آهي.
هنن چيو ته اسان تي ڪارڪنن جو دٻاءُ آهي ته سڄي ملڪ ۾ احتجاج شروع ڪيو وڃي، ڪارڪن فائنل تحريڪ لاءِ تياري پڪڙين، شينهن عدالت ۾ پيشي لاءِ وڃي رهيو هو ۽ گدڙن ان جي گهر تي حملو ڪيو.
شيرين مزاري چيو رياست کي ٻڌائڻو پوندو ته پنهنجي ماڻهن خلاف دهشتگردي ڪري رهي آهي؟ اهو لنڊن پلان آهي، ٻئي پاسي مريم کي اقتدار ۾ آڻڻ جي اسڪيم آهي، مريم نواز ڪهڙي حيثيت سان عمران خان جي گرفتاري جي ڳالهه ٿي ڪري.