ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا تي ڪجهه ڏينهن کان مختلف شخصيتن جي وڊيوز ليڪ جي حوالي سان بحث هلي رهيو آهي جن ۾ حريم شاهه جي هڪ نه پر 4 اعتراض جوڳيون وڊيوز ليڪ ٿيڻ تي وڌيڪ بحث هليو ۽ حريم شاهه مختلف هنڌن تي وضاحتون ڪيون ۽ روئي ڏنائين، اهي به ڳالهيون هيون ته سندس دوست صندل خٽڪ جون به وڊيو ليڪ ٿيون آهن.
هاڻي سوشل ميڊيا تي هڪ نئون بحث هلي رهيو آهي ته مشهور ٽڪ ٽاڪر جنت مرزا جون به اعتراض جوڳيون وڊيوز ليڪ ٿي رهيون آهن، سوشل ميڊيا واهپيدار جنت مرزا جي وڊيوز جي حوالي سان اسڪرين شات شيئر ڪندي دعويٰ ڪري رهيا آهن ته سندس وڊيو ليڪ ٿي آهي.
گهڻا ماڻهو حيران ٿيا ۽ هنن سوال ڪيا جن جي جواب ۾ ڪجهه واهپيدارن چيو ته اها جنت مرزا نه هوندي، سندس ڀيڻ هوندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جنهن وڊيو کي جنت مرزا سان واڳيو پيو وڃي اها جنت مرزا جي نه آهي ۽ اها وڊيو پراڻي آهي جنهن کي وائرل ڪيو پيو وڃي.
ڇو ته هن وقت وڊيوز وائرل ٿيڻ جو سيزن هلي رهيو آهي.
پاڪستاني سياستدانن جون به وقفي وقفي سان آڊيوز ليڪ ٿي رهيون آهن ۽ دعوائون سامهون اينديون رهيون آهن ته سندن وڊيوز به منظر تي اينديون.
کڻي ڪجهه به هجي، سوشل ميڊيا تي واهپيدار ڪنهن به شئي کي تيزي سان وائرل ڪري رهيا آهن.